اياز شاهه شيرازي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
ٺٽو ( م ڊ) مسلم ليگ (ق) جي مرڪزي ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري قومي اسيمبلي ميمبر سيد اياز علي شاهه شيرازي پنهنجي هڪ بيان ۾ پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندي چيو آهي ته هو پنهنجي ذاتي مصروفيتن سبب پارٽي سرگرمين کان عليحده ٿي رهيو آهي. ان ڪري پارٽي جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪريان ٿو. هوڏانهن مسلم ليگ (ق) ضلعي ٺٽي جي صدر سيد نصير حسين شاهه شيرازي ضلعي جنرل سيڪريٽري امجد سعيد، حيدرآباد ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري سيد سرفراز شاهه، تعلقي ٺٽي جي صدر منور هيجب، سجاول جي صدر حاجي حسين ٻارڻ، بٺورو جي حاجي حبيب ميمڻ، ساڪرو تعلقي جي طفيل احمد ٿهيم، گهوڙا ٻاري جي نظير احمد ڪيهر، يوٿ ونگ ضلعي ٺٽي جي صدر عبدالعزيز ميمڻ سميت پارٽي جي نون ئي تعلقن جي عهديدارن، مسلم ليگ (ق) جي ذيلي تنظيمن يوٿ ونگ، ايم ايس ايف، ليبر ونگ جي عهديدارن احتجاجن پارٽي جي عهدن تان استعيفيٰ ڏيندي چيو آهي ته مسلم ليگ (ق) سنڌ جي قيادت کين ڪنهن به فيصلي ۾ اعتماد ۾ نٿي وٺي. مسلم ليگ (ق) سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري منور هيلايو کي بنان ڪنهن سبب جي هٽايو ويو آهي، جنهن ڪري اسان سمورا عهديدار پارٽي عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪريون ٿا.