پير جو ڳوٺ

او پيرجوڳوٺ پوليس جي ريڊ ڪمشنر ڪمشنر جج کي دڙڪا دھمان ،ھٿيارن جي زورن تي جوابدار کي کسي ڇڏيو

Red Commissionerخيرپور ( رپورٽ: اعجاز جکڙ) ايس پي او پيرجوڳوٺ پوليس عبدالقادر چانڊيو جي هائوس تي عدالتي ڇاپو باندي بڻيل ٽن مهينن کان ايل ايل بي جو شاگرد نظير ڪلهوڙو ڇاپي ۾ هٿ پوليس فريادي عبدالحفيظ عباسي کي ڪٽڪو ڏئي ريڊ ڪمشنر جج کي دڙڪا دهمان هٿيار تاڻي جوابدار کسي پوليس موبائيل ۾ وجهي کڻي هليو ويو ريڊ ڪمشنر جي فون تي سيشن جج کي دانهن سيشن جج ڊي آءِ جي ۽ آر پي او پوليس سان رابطو ايس پي او کي سسپينڊ ڪرڻ جو حڪم ايس پي او ۽ سندس عملي کي سومر جي ڏينهن 27 تاريخ تي خيرپور جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم خبر موجب ڇنڇر جي ڏينهن عبدالحفيظ عباسي خيرپور جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ته ايس پي او پير جو ڳوٺ عبدالقادر چانڊيو سندس چاچي ايل ايل بي جي شاگرد نظير ڪلهوڙي کي ٽن مهينن کان بيگناهه گرفتار ڪري تشدد ڪرڻ سان گڏ کيس پنهنجي هائوس جي بورچي خاني ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي درخواست تي انچارج سيشن جج ابرار حسين سول جج ۽ جوڊيشن ماجسٽريٽ خيرپور سميع الله قريشي کي ريڊ ڪمشنر مقرر ڪيو هيو جنهن ايس پي او هائوس پير جو ڳوٺ تي عدالت ڇاپو هنيو جنهن ۾ باندي بڻيل نظير ڪلهوڙو هٿ اچي ويو جنهن کان پوءِ ايس پي او عبدالقادر چانڊيو پنهنجي پوليس اهلڪارن کي گهرائي فريادي حفيظ عباسي کي ڪٽڪو ڏياريو ۽ ريڊ ڪمشنر سميع الله قريشيءَ مٿان هٿيار تاڻي ورتا ۽ دڙڪا دهمان ڏنا جنهن کان پوءِ نظير ڪلهوڙي کي زوريءَ ريڊ ڪمشنر کان کسي موبائيل ۾ وجهي هليو ويو تنهن کان پوءِ ريڊ ڪمشنر سيشن جج خيرپور کي حقيقت کان آگاهه ڪيو جنهن ڊي آءِ جي سکر آر پي او سکر کي حقيقت کان آگاهه ڪيو ۽ آر پي او سکر سيد ذوالفقار شاهه ايس پي او کي سسپينڊ ڪرڻ جو حڪم ڪيو جڏهن ته ايس پي او پير جو ڳوٺ عبدالقادر چانڊيو ۽ سندس عملي کي سومر جي ڏينهن 27 جون تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button