امام خميني رحمة الله عليه جي زندگيءَ تي هڪ نظر
سيد علي نقي نقوي
تعارف
سندن نالو روح الله پيءُ جو نالو حجة الاسلام آقاي مصطفى موسوي جيڪو ايران جي شهر خمين جو رهواسي هو تنهنڪري ئي روح الله موسوي خميني جي نالي سان شهرت پاتائون ،سندن ولادت 20جمادي الثاني 1320هه ق بمطابق 24 سيپٽمبر1902 ع تي سندن آبائي شهر“خمين” ۾ ئي ٿي (ان ڏينهن کي ايران ۾ روز ڪوثر سان ياد ڪيو ويندو آهي )سندن والد آية الله سيد مصطفى جيڪو پنهنجي زماني جي وڏن عالمن منجهه شمار ٿئي ٿوجيڪي آيت الله ميرزا شيرازي جا هم عصر هئا ۽ نجف ۾ اجتهاد جي درجي تي فائز ٿيڻ کانپوءِ خمين ۾ دين جي خدمت ڪرڻ لڳا اڃا روح الله پنجن مهينن جو ئي مس هيو ته سندن والد حضرت مصطفى کي خمين کان اراڪ ويندي رستي ۾ ڪجهه پليت انسانن شهيد ڪري ڇڏيو. ائين زندگيءَ جي آغاز ۾ ئي يتيميءَ جو تلخ ذائقو چکيو سندن والده پڻ گهڻي دير تائين ساڻن رهي نه سگهي ۽ ننڍپڻ ۾روح الله کي الله جي حوالي ڪري وئي هلي،ائين سندن پالنا۽ پرورش سندن پڦيءَ جي هٿان ٿي
امام خميني (ره) سن 1348هه ۾ آية الله محمد ثقفي تهراني جي نياڻي سان شادي ڪئي ان پاڪدامن عورت زندگيءَ جي هر موڙ تي سندن ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ سندن ۾ غير معمولي حوصله افزائي ڪيائون، الله سائين ان پاڪدامن ، ۽ نيڪ سيرت عورت کي ٽي پٽ ۽ پنج نياڻيون عطا ڪيون . جيڪي پڻ اڳتي هلي علامه دهر ٿيا
تعليم
19 سالن جي عمر تائين امام خميني (ره) خمين جي شهر ۾ ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ عربي ادب ، علوم عقلي، اصول فقه، ۽ ٻين مختلف علمن جي مقدماتي ڪتاب تي مڪمل مهارت حاصل ڪئي.
سن1339ه ق ۾ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اراڪ جي علمي مرڪز ڏانهن راهي ٿيا اتي هڪ سال علم پرائڻ کانپوءِ سن1340 هه ق رجب جي مهيني ۾ جيئن ئي آية الله شيخ عبدالڪريم حائري جي قم اچڻ جي خبر ٻڌائون ته خبر ٻڌڻ سان ئي قم ڏانهن رونا ٿيا اتي وڏي زحمتن ۽ ڪوششن سان ۽ دل لڳائي ڪري سطوح عاليه جي تعليم حاصل ڪرڻ کان بعد ۾ اجتهاد جي درس خارج ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪيائون .
حضرت امام خميني 25 سال جي عمر ۾ اجتهاد جي عظيم درجي تي پهچي ڪري ان جي سند کي حاصل ڪيائون قم ۾ جن استادن کان ڪسب فيض ڪيو تن ۾اهم استاد هي هئا
• آية الله العظمى سيد محمد تقي خوانساري (ره)
• آيت الله العظمى حائري يزدي
• آية الله العظمى سيد علي يثربي ڪاشاني
• آية الله سيد ابوالحسن رفيعي قزويني
• آية الله آقا علي اڪبر حڪمي يزدي (ره)
• آية الله شيخ محمد رضا اصفهاني (ره)
• آية الله مرزا ملڪ جواد تبريزي (ره)
• آية الله العظمى مرزا محمد علي شاه ابادي (ره)
انهن استادن امام خميني کي مختلف علمن ۾ ماهر بڻائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته عرفان ۾ کين روحاني مرتبن جي بلندين تي پهچائڻ ۾ آية الله العظمى شاه آبادي طاب ثراه جن اهم ڪردار ادا ڪيو ان شخصيت حضرت امام خميني کي صاحب مسلڪ بڻايو ان جي ڪري ئي جڏهن به عرفاني معنويات جي ڳالهه ٿئي ها حضرت امام ان عالم رباني کي نهايت ئي ادب ۽ احترام سان ياد ڪندا هئا ۽ هميشه سهڻي نموني سان سندن تعريف ڪندا رهندا هئا ..
امام خمينيءَ جو ڪردار
امام خميني (ره) هڪ اهڙي شخصيت آهي جنهن جي زندگي جي تمام حصن تي ڳالهه ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي جڏهن ته مختلف محققن سندن باري ۾ پنهنجي پنهنجي انداز ۾ لکيو آهي امام خميني (ره) هڪ اهڙا جامع الشرائط ۽ جرئتمند فقيه مجتهد هئا جيڪي اهلبيت Eسان توسل ڪري عزت ۽سربلندي جي تمام اوچي درجيتائين پهتا پاڻ احڪام اسلامي جي پابندي سان گڏوگڏ زماني جي تقاضن کان غافل نه رهيا ۽ ايراني عوام جي راهنمائي ڪندي ايران۾ هڪ اهڙو انقلاب برپا ڪيو جنهن انقلاب جي ڪري نه فقط ۽ اتان جو عوام بلڪه جهان تشيع ۽ عالم اسلام پڻ سندن ٿورائتو آهي اهي ان الله جي نيڪ ۽ پارسا ٻانهي اسلامي انقلاب خاطر ڪيترن ئي سالن تائين ڏک ڏٺا تڪليفون برداشت ڪيون،جلاوطني برداشت ڪئي پر ڪنهن قرباني کان نه گهٻرايو ايستائين جو سندن وڏي پٽ سيد مصطفى( جيڪي پڻ انقلاب جاحامي۽ بزرگ عالم دين هئا )کي شهيد ڪيوويو تڏهن به پنهنجي رستي تان نه هٽيا
امام خميني ان انقلابي رستي تي هلي ڪري دنيا واران کي ٻڌائي ڇڏيو ته جنهن شخص جي دل ۾ الله جو خوف ۽الله تي توڪل آهي اهو ڪڏهن به ڪنهن طاغوتي طاقت کان نه ڊڄندو آهي ان جو هدف فقط الله جي ڏنل احڪامن تي عمل ڪرڻ هوندو آهي
تدريس
امام خميني (ره) 1347هه ستاويهن سالن جي عمر ۾ “ اسلامي فقه” “ اسلامي فلسفي ” وغيره جهڙن درس جي تدريس جو آغاز ڪيائون۽ ائين فقاهت جو مان مٿانهون ڪيائون پاڻ سندن هيٺين موضوعن تي قم المقدسه ۾ پنهنجي شاگردن جي تربيت ڪيائون
اسلامي فلسفو، ان ۾ علامه سبزواري جي مشهور ڪتاب شرح منظومه ۽ ملاصدرا جي اسفار اربعه تي وڏي محنت ڪري پنهنجي شاگردن کي انهن علمن جي زيور سان آراستا ڪيائون ان جي ڪري اهي شاگرد به امام خميني وٽ پڙهڻ کان بعد ۾ ڪافي حد تائيم ماهر ٿي ويا عرفان نظري ۾ ابن عربي جي شرح نصوص ، اثر قصيري، مقدمه قصيري ، تي حاشيو هڻي ڪري پنهنجي شاگردن کي هڪ نئون طريقو عطا ڪيائون
عرفان عملي، ، درس اخلاق، اصول فقه ، کي مسجد سلماسي، ۽ مدرسه فيضيه ۾ پڙهايائون .
نجف اشرف ۾ پڻ امام خميني جيڪي 14 سال جلا وطنيءَ ۾ گذاريا هئا تن ۾ اتي ولايت فقيه جهڙي عظيم موضوع جي تدريس ڪيائون ۽ پنهنجي درس خارج ڏيڻ کي به جاري رکيائون ۽ ٻين ڪافي درسن جي تدريس ڪيائون جيڪي اڄ به محققن لاءِ ڪافي اهميت وارا موضوع آهن
تاليف ۽ تصنيف
امام خميني رح جن پنهنجي جواني ۾ ئي ڪافي ڪتاب لکيا جڏهن ته پنهنجي شاگردن کي پڻ تمام گهڻو تاڪيد ڪندا هئا ته تاليف ۽ ترجمه ۾ اهم ڪردار ادا ڪن . جڏهن سندن عمر 27سال هئي مصباح الهدايه جهڙي عظيم ڪتاب تاليف ڪيائون۽ جڏهن ته 29 سالن جي عمر هئي ته دعاي سحر“ تي شرح لکيائون ن ان کان علاوهه جيڪي ڪتاب لکيائون تن هي چند مشهور آهن
سر الصلوة
آداب نماز
شرح نصوص
مفتاح
حاشيه بر مصباح
چهل حديث
جهاد اکبر
ڪشف
ولايت فقيه
ڪتاب البيع ،
تحرير الوسيله
توضيح المسائل
تهذيب الاصول ،
المڪاسب المحرمه
ڪتاب الطهارة ،
ڪفايت الصول
۽ ٻيا ڪيترا ئي آثار آهن جن کي اسان هتي بيان نه ڪيو آهي
وفات
امام خميني (ره) جنهن ڪم، مقصد جي ڪري دنيا ۾ آيا هئا ان کي پوري ڪرڻ کانپوءِ 14 خرداد تي داعي اجل کي لبيڪ چيائون سندن جنازي ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي 90 لک ماڻهن آلين اکين سان شرڪت ڪئي ۽کين خراج تحسين پيش ڪيو ان ڏينهن تي سڄو عالم اسلام غم ۽ ماتم۾ ٻڏي ويو هو چو جو سندن وڃڻ سان اسلام ۾اهڙو ته خال ٿي ويو هئو جو ڪڏهن پرٿي نه سگهندو ۾ 90 لک ماڻهن شرڪت ڪئي بعد ۾ کين بهشت زهراء ۾ آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو
ان عالم رباني جي ياد قيامت تائين باقي رهندي سندن وفات واري ڏهاڙي کي اڄ به وڏي شان و شوڪت سان ملهايو وڃي ٿو ايران سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان سندن چاهڻ وارا سندن مزار تي اچي ڪري حاضري ڀريندا آهن ۽ کين اسلام ۽ انسانيت لاءِ سندن انجام ڏنل عظيم خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندا
سلام عليه يوم ولد ويوم مات ويوم يبعث حيا
( اسانجو سلام هجي ان جي ڄمڻ واري ڏينهن تي ان جي انتقال واري ڏينهن تي ۽ ان ڏينهن تي جنهن ڏينهن انهن کي اٿاريو ويندو) ان عالم رباني جي صدقي الله سائين اسان کي به دين اسلام جي خدمت ڪرڻ جي توفيق ڪري ته جيئن اسان به پنهنجي ذميدارين کي سهڻي نموني سان انجام ڏئي سگهون