اصل سياست عوام جي در تي وڃي سندن مسئلا معلوم ڪرڻ ۽ ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي بيهڻ آهي: ماروي ميمڻ
ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ق ليگ ۽ ايم اين اي شپ تان استعيفيٰ ڏيڻ بعد اڳوڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ پنهنجي والد اڳوڻي سينيٽر نثار ميمڻ سان گڏجي ٺٽي ضلعي اندر سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ان سلسلي ۾ ماروي ميمڻ ميرپورساڪرو ، ٻهاڙا، گجو ۽ ٻين علائقن جا دورا ڪري علائقي جي ماڻهن سان ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون جڏهن ته ٻهاڙا ۾ اڳوڻي ايم پي اي غلام قادر پليجو جي ويجهي ساٿي ۽ تر جي اهم شخصيت نواز علي شاهه قدوساڻي اڳوڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ جي مان ۾ ڏنل هڪ آجياڻي ۾ سندس حمايت جو اعلان ڪيو ان موقعي تي خطاب ڪندي ماروي ميمڻ چيو ته اصل سياست عوام جي در تي وڃي سندن مسئلا معلوم ڪرڻ ۽ ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي بيهڻ آهي پر هن وقت ملڪ ۾ ڦر لٽ واري سياست هلي رهي آهي هن چيو ته هوءَ پارليامينٽ ۽ ڦرلٽ واري سياست کي خدا حافظ چئي عوام وٽ پهتي آهي ۽ هاڻي عوام سان گڏ عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جاري رکندي