اسلام آباد ۾ بم ڌماڪو، 3 ڄڻا زخمي
اسلام آباد: وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي ڀر واري علائقي بهار ڪهو ويجهو ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آچر تي ٻنپهرن جو ڏسو صفحو3 نمبر64 ملپور ۾ ڌماڪي کان پوءِ امدادي ڪارڪن، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ پوليس علائقي ۾پهچي وئي.ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ٽن مان ٻن ماڻهن جي سڃاڻپ 16 سالن جي ظفر احمد ۽ 35 سالن جي وحيد طور ٿي جن کي مقامي اسپتال داخل ڪرايو ويو.تفصيل مطابق آچر تي سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي علائقي مل پور ويجهو مري روڊ جي ڪناري تي نصب بم ڦاٽڻ سبب ڀرسان گذرندڙ سفيد رنگ جي ڪرولا ايڪس لائي ڪار نمبر جي 470 جيڪ قمر عباس نالي شخي هلائي رهيو هو اونڌي ٿي پئي جنهن سبب ڊرائيور زخمي ٿي پيو جڏهن ته موٽر سائيڪل سوار ظفر اقبال ۽ سندس پٽ صغير پڻ زخمي ٿيا جن کي علاج لاءِ اسپتال پهچايو ويو، واقعي جو اطلاع ملڻ شرط ريسڪيو ٽيمون ۽ پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهتي ۽ جاءِ گهيري ۾ وٺي شاهديون گڏ ڪري ورتيون. ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل( ڊي آءِ جي) اسلام آباد پوليس بن يامين موقعي تي پهچي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته بم رستي جي ڪناري نصب هو ۽ اهو پراڻو معلوم ٿئي ٿو پر ان جي نوعيت معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي. واقعي کان پوءِ مين مري روڊ ٻهي طرفن کان بند ٿي ويو جنهن سبب شهرين کي سخت ڏکيائيون پيش آيون.
مانيٽرنگ ڊيسڪ