فن ۽ فنڪار

اداڪارا عتيقا اوڍو خلاف شراب رکڻ جو ڪيس داخل

Aitiqa Oاسلام آباد( م ڊ)ملڪ جي ناليواري اداڪاره ۽ آل پاڪستان مسلم جي نائب صدر عتيقه اوڍو جي خلاف شراب رکڻ جي الزام ۾ ايئرپورٽ ٿاڻي تي ڪيسداخل ڪيو ويو آهي، پوليس ذريعن موجب عتيه اوڍو جي خلاف ايف آءِ آر نمبر 464 ڪسٽم جي اسسٽنٽ ڪلڪٽر جي فرياد تي داخل ڪئي وئي آهي، ٿاڻي ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ اداڪاره کان شراب جون ٻه بوتلون هٿ اچڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. ٻئي طرف هڪ پرائيويٽ ٽي وي موجب عتيقهاوڍو جي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ بعد ٽيمون ڪراچي اداڪاره کي گرفتار ڪرڻ لاءِ روانيون ڪيون ويون آهن، ايئرپورٽ اختيارين شراب هٿ اچڻ بعد اداڪاره عتيقه اوڍو کي ڪراچي وڃڻ جي اجازت ڏني هئي پر چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري پاران واقعي جو نوٽيس وٺڻ بعد رالپنڊي ۾ ايئرپورٽ ٿاڻي تي اداڪاره عتيقه اوڍو خلاف اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن بعد سندس گرفتاري لاءِ ٽيمون ڪراچي روانيون ٿي ويون آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button