آرٽيڪل

ائٽمي اثاثن خلاف سازش

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
atom bomb 2745 پاڪستان جي ائٽمي اثاثن جي خلاف ھڪ عالمي سازش ڪئي پئي وڃي جنھن ۾ ڀارت ۽ اسرائيل کان علاوھ ڪجھھ دوست نما ملڪن جون محبتون بھ ڪار فرما آھن. انتھائي مھارت ۽ ھنرمندي سان ترتيب ڏنل ان منصوبي تي گذريل ڪيترن ئي سالن کان عمل ڪيو پيو وڃي ۽ ھاڻي اھو مقام ۽ وقت تيزي سان ويجھو اچي رھيو آھي جڏھن انھن سازشن کي عملي شڪل ڏني وڃڻي آھي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي پنھنجي اقتدار جي جواز جي لاءِ بين الاقوامي توثيق جي ضرورت ھئي، اقتدار جي حرص، لالچ ۽ ان ۾ تسلسل جي ڪني سوچ ڪيترائي اھڙا فيصلا ڪرايا جنھن جا نتيجا اڄ اسان سڀني کي ڀڳتڻا پئجي رھيا آھن. 11 سيپٽمبر جي واقعن کان پوءِ جيڪڏھن ڪا چونڊيل سياسي حڪومت ھجي ھا تھ اھا آمريڪا جي اکين ۾ اکيون وجھي ڳالھائي ھا تھ 11 سيپٽمبر جي واقعن ۾ ملوث ڪوبھ شخص پاڪستاني يا افغاني نھ ھو، پر سمورا ))مجاھد(( عرب ملڪن سان تعلق رکن پيا، ان لاءِ کين اُتي ڳوليو وڃي، 11 سيپٽمبر کان اڳ پاڪستان جي پرڏيھي ۽ دفاعي پاليسي طالبان ۽ اسلامي مجاھدن جي تناظر ۾ افغانستان کي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ گھرائي بڻائڻ جي تناظر ۾ جوڙي وئي ھئي. سوويت يونين جي ٽُٽڻ کان پوءِ خود اولھھ بھ ان سموري صورتحال جو برابر جو ذميوار آھي، ان وقت پوري دنيا مان جمع ڪيل مجاھدن کي اڪيلو ڇڏيو ويو، سندن بحالي ۽ پنھنجي ملڪن ۾ واپسي جي ڪابھ حڪمت عملي نھ جوڙي وئي ايستائين جو افغانستان جي جنگ دوران پاڪستان ۾ پناھھ وٺندڙ لکين افغان مھاجرن جي ڏيھھ واپسي جي ڪابھ رٿابندي نھ بڻائي وئي ۽ نھ ئي پاڪستان جي ان ڏس ۾ ڪا مدد ڪئي وئي، پاڻ مجاھدن جي پنھنجي حڪومتن بھ کين قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان وقت پاڪستان جي ڪجھھ فطين جرنيلن مجاھدن کي پنھنجي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي حڪمت عملي واري پاليسي جوڙي ڇڏي ۽ ان تي عملدرآمد بھ شروع ڪري ڇڏيو. .991ع جي ڏھاڪي ۾ چئن سياسي ۽ جمھوري حڪومتن کي صرف ان جي ڪري ختم ڪيو ويو جو اھي ڀارت سان بھتر لاڳاپا قائم ڪرڻ چاھن پيون. شھيد محترمھ بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جون چارئي حڪومتون ))ريڊ لائن(( ٽپڻ جي ڏوھھ ۾ ختم ڪيون ويون.
جنرل مشرف جو اقتدار ۾ اچڻ ھڪ ڀيانڪ خواب ھو، جنھن جي تعبير اڄ سامھون اچي رھي آھي، 11 سيپٽمبر جي واقعن کان پوءِ ڪمانڊو جرنيل صرف ھڪ ٽيليفون ڪال تي ڍير ٿي ويا ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ گھرائي ۽ مجاھدين کي پنھنجي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي پاليسي يڪ لخت تبديل ڪري ڇڏي. ان تبديلي جو اصل سبب بھ محض ڊالرن جو حصول ۽ پنھنجي اقتدار جي پٺڀرائي ھئي. ملڪ ۾ ديني مدرسن جي جيڪا نرسري مخصوص مقصدن جي لاءِ پوکي وئي ھئي، اڄ ان جي ڦل مان نھ صرف پاڪستان پر پوري دنيا فائدو وٺي رھي آھي، پر ھاڻي تھ نوبت پاڪستان جي ائٽمي اثاثن تائين پھچي چڪي آھي، ڪجھھ ماڻھن کي ڪجھھ عرصي تائين بيوقوف بڻائي سگھجي ٿو پر سمورن ماڻھن کي ھميشھ بيوقوف نھ ٿو بڻائي سگھجي، پاڪستان جا جيڪي فطين ماڻھو عالمي برادري جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ کي پنھنجو ڪارنامو سمجھي رھيا ھئا اُھي اھا ڳالھھ نھ پيا ڄاڻن تھ خود کين استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ پنھنجي پسند جي ميدان ۾ گھڙي ٺاھي لاٿو پيو وڃي. افغانستان ۾ نيٽو فوج جو قيام حقيقت ۾ انھيءَ سازش جي ڪڙي ھئي جنھن تحت پاڪستان کي سندس ائٽمي ھٿيارن کان محروم ڪرڻ ھو، ان قيام جي دوران پاڪستان جي دشمن قوتن کي قبائلي علائقن ۾ پنھنجون پاڙون ڦھلائڻ جو موقعو مليو ۽ اھي ڪاميابي سان طالبان جو روپ وٺنديون ويون. ڊاڪٽر عبدالقدير خان تي ائٽمي ٽيڪنالاجي جي ڦھلاءَ جو الزام بھ انھيءَ سازش جي ھڪ ڪڙي ھئي.
محترمھ بينظير ڀٽو جو 72 ڊسمبر 7..2ع تي ھڪ خودڪش حملي ۾ مارجڻ بھ انھيءَ سازش جو ھڪ حصو ھو، جنھن تحت پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻو ھو، ان ۾ جيڪڏھن ڪجھھ بيروني ھٿ ڪار فرما ھئا تھ يقينن ڪجھھ پنھنجا بھ ان ۾ ملوث ھئا، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن جي مارجڻ کان پوءِ ۽ ان کان بھ پھريان پاڪستان ۾ ھٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي چونڊي چونڊي نشانو بڻائڻ جي جنھن پاليسي تي عمل ڪيو ويو، اھا يقينن طالبان يا القاعدا جي تيار ڪيل نھ ھئي، پر ان جي پويان ماسٽرز ڪي ٻيا ھئا، جيڪي ھر آپريشن جي مڪمل جزويات، تفصيل، فنڊز، جديد ترين ھٿيار ۽ سموريون درڪار سھولتون فراھم ڪندا ھئا، اھا سازش بھ پاڪستان جي ائٽمي اثاثن کي غير محفوظ قرار ڏيڻ جي ھڪ ڪڙي ھئي، ان جو عروجي نقطو جي ايڇ ڪيو راولپنڊي تي حملو ھو، ڪراچي ۾ مھراڻ نيول بيس تي حملو بھ انھيءَ عروج جو ھڪ تسلسل آھي. ھاڻي پاڪستان جي خلاف ھڪ عالمي پروپئگنڊا ڪئي ويندي تھ ائٽمي اثاثا غير محفوظ آھن ۽ ھٿياربند فوج انھن اثاثن جي حفاظت ڪرڻ کان قاصر آھي، ان کان پوءِ اھو چيو ويندو تھ پاڪستان جا ائٽمي اثاثا دھشتگردن جي ھٿ لڳي سگھن ٿا ۽ اھي عالمي امن جي لاءِ ھڪ تمام وڏو خطرو بڻجي ويندا. ھيءَ تمام خطرناڪ صورتحال آھي، ان سان منھن ڏيڻ جي لاءِ قومي يڪجھتي ھڪ مرڪزي عنصر جي حيثيت رکي ٿي، ان کان پوءِ دھشتگردي جي خلاف جنگ جي پوري حڪمت عملي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ ان ۾ موجود خاميون ختم ڪرڻيون پونديون، جنھن جي ڪري پاڪستان جي ھٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ملڪ جي اندر ھڪ اڻ ڏٺي شھري ويڙھھ ۾ اُلجھايو ويو آھي…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button