آفريدي جو مداخلت بابت بيان سمجهه کان ٻاهر آهي: وقار يونس
لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته شاهد آفريدي جو مداخلت بابت بيان سمجهه کان ٻاهر آهي. قذافي اسٽيڊيملاهور ۾چيئرمين پي سي بي اعجاز بٽ سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وقار يونس چيو ته هن ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ ٽور جي رپورٽ بورڊ کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي. عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ بورڊ جو ڪم آهي. هن چيو ته آفريدي جي معاملي سان پاڪستان ڪرڪيٽ کي نقصان پهتو آهي ۽ آفريدي جو مداخلت بابت بيان سمجهه کان باهر آهي. وقار يونس چيو ته جڏهن گڏ رهون ٿا ته اختلاف پڻ ٿين ٿا پر ان جو اهو مطلب ناهي ته ايتري واويلا ڪئي وڃي. هن چيو ته آئون پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪيان ٿو . ۽ منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر رهي. قومي ٽيم جي ڪوچ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پي سي بي سمجهي ٿو ته ٽيم کي بيٽنگ ڪوچ جي ضرورت آهي ته بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو وڃي. ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ ۾ بيٽسمينن بيٽنگ ڪوچ کان بغير سٺي پرفارمنس ڏني آهي. هن چيو ته جونيئر رانديگرن جي ڪارڪردگي شاندار راهي، خاص طور جنيد خان سٺو فاسٽ بالر طور سامهون آيو آهي.