آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي 21 سيٽون حاصل ڪري ورتيون
مظفر آباد: آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي چونڊن لاءِ ڪالهه 41 تڪن مان 38 تڪن تي چونڊون ٿيون، جن مان 18 سيٽن تي پيپلزپارٽي ڪامياب ٿي وئي آهي جڏهن ته نواز ليگ 7 ۽ مسلم ڪانفرنس 4 سيٽون حاصل ڪيون. پولنگ دوران هنگامن، جهيڙن ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پ پ ۽ مسلم ڪانفرنس ۾ گڏجي حڪومت ٺاهڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب ڪالهه پولنگ 8 وڳي کان شروع ٿي، صبح جي وقت پولنگن تي ووٽنگ جو تعداد گهٽ هو پر پوءِ منجهند جو رش ٿي وئي ۽ آهستي آهستي ووٽن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو ويو. ڪيترن ئي پولنگن تي ووٽنگ جو عمل دير سان شروع ٿيو، پولنگ لاءِ 4 هزار 35 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون، جن مان هڪ هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن کي حساس ۽ 7 سئو کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو. پنجاب پوليس، پنجاب ڪانسٽيبلري، گلگت اسڪائوٽس، خيبرپختونخواهه جي پوليس جي دستن کي پولنگ اسٽيشنن تي مقرر ڪيو ويو هو. پولنگن تي سياسي گروپن جي ماڻهن ۾ هنگاما ۽ جهيڙا ٿيندا رهيا، جنهن دوران فائرنگ به ٿي، مظفر آباد جي تڪ ايل اي 25 تي نياز پورا ۾ فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. ماڻهن جوابدار کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو. ڀنڀر جي ايل اي 6 جي پولنگ اسٽيشن تي ٻن گروپن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. آزاد ڪشمير کان سواءِ پاڪستان جي شهرين راولپنڊي، لاهور، ملتان، وهاڙي، جهلم، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ پشاور ۾ به پولنگون قائم ڪيون ويون، جتي ڪشميرين پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. پشاور، گوجرانوالا، فيصل آباد، لاهور ۽ راولپنڊي جي پولنگن تي سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙا ٿيندا رهيا ۽ انهي دوران فائرنگ به ڪئي وئي. جڏهن ته پونڇ ۾ مڇريل ماڻهن مقامي عدالت کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ اتي فوج طلب ڪئي وئي. آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي عام چونڊن جي غير سرڪاري نتيجن موجب 41 مان 38 تڪن تي ٿيل چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جي 18 اميدوارن ڪاميابي ماڻي آهي. مسلم ليگ (ن) 7 ۽ مسلم ڪانرنس 4 ۽ 2 آزاد اميدوارن ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. ايل اي هڪ تي پيپلزپارٽي جي محمد افسر شاهد ايڊووڪيٽ، ايل اي 2 تي پيپلزپارٽي جي چوڌري عبدالمجيد، ايل اي 3 تي پيپلزپارٽي جي سلطان محمود، ايل اي 4 تي پ پ اميدوار ارشد حسين، ايل اي 5 تي پيپلزپارٽي جي چوڌري پرويز اشرف، ايل اي 6 تي آزاد اميدوار علي جان، ، ايل اي 7 تي مسلم ليگ (ن) جي چوڌري فاروق، ايل اي 8 تي مسلم ڪانفرنس جي ملڪ محمد نواز، ايل اي 10 تي مسلم ليگ (ن) جي راجا نصير، ايل اي 11 تي پيپلزپارٽي جي چوڌري محمد ياسين، ايل اي 12 تي پ پ جي مطلوب انقلابي، ايل اي 13 تي مسلم ڪانفرنس جي سردار عتيق، ايل اي 14 تي پ پ جي سردار قمر الزمان، ايل اي 15 تي مسلم ڪانفرنس جي مير اڪبر خان، ايل اي 18 تي پيپلزپارٽي جي سردار غلام صادق خان، ايل اي 19 تي پ پ جي سردار يعقوب، ايل اي 20 تي مسلم ڪانفرنس جي سردار سياب خالد، ايل اي 21 تي پ پ جي محمد حسين، ايل اي 22 تي پ پ جي اختر حسين رباني، ايل اي 23 تي پ پ جي ميان وحيد، ايل اي 24 تي پيپلزپارٽي جي اميدوار سردار جاويد ايوب، ايل اي 25 تي پ پ جي بازل حسين نقوي، ايل اي 27 تي پيپلزپارٽي جي چوڌري لطيف اڪبر، ايل اي 28 تي مسلم ليگ (ن) جي راجا فاروق حيدر، ايل اي 29 تي پ پ جي چوڌري محمد رشيد، ايل اي 32 تي مسلم ليگ (ن) جي چوڌري اسحاق، ايل اي 33 تي آزاد اميدوار محمد حسين، ايل اي 34 تي پ پ اميدوار اڪبر ابراهيم، ايل اي 35 تي پ پ جي راجا محمد صديق، ايل اي 38 تي مسلم ليگ (ن) جي سيد شوڪت علي، ايل اي 39 تي پيپلزپارٽي جي اظهر حسين گيلاني کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. آزاد ڪشمير جي تڪ ايل اي 39 تي سرڪاري طور تي پيپلزپارٽي جي اميدوار اظهر حسين گيلاني کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، اظهر حسين گيلاني 1397 ووٽ حاصل ڪيا، سندس مقابلي ۾ بيٺل نواز ليگ جو اميدوار الحاج ظفر ساگري 406 ووٽ کڻي سگهيو، غير سرڪاري ۽ حتمي نتيجن موجب ايل اي هڪ تي پ پ جي اميدوار افسر شاهه، ايل اي 2 تي پ پ جي اميدوار چوڌري عبدالمجيد، ايل اي 3 تي چوڌري شرف کي برتري حاصل آهي. ايل اي 13 تي مسلم ڪانفرنس جي اميدوار عتيق برتري حاصل ڪري ورتي آهي. ايل اي 15 تي نواز ليگ جي اميدوار سردار اڪبر اڪثريت ۾ ووٽ حاصل ڪيا آهن. ايل اي 16 تي پ پ جو فيصل ممتاز، ايل اي 17 تي مسلم ڪانفرنس جي سردار قيوم، ايل اي 18 تي پ پ جي سردار غلام صادق کي برتري حاصل آهي. ايل اي 19 تي پ پ اميدوار يعقوب، ايل اي 20 تي نواز ليگ جو محمود اقبال ڪامياب ٿيڻ جو امڪان آهي. جن اڪثريت ۾ ووٽ حاصل ڪيا آهن. ايل اي 31 تي نواز ليگ جي چوڌري اسماعيل ايل اي 32 تي نواز ليگ جي محمد صادق، ايل اي 34 تي پ پ اميدوار محمد اڪبر کي غير سرڪاري طور تي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ٻين سيٽن تي ٿيل پولنگ جو نتيجو اچڻ جو سلسلو جاري آهي. هوڏانهن وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ مسلم ڪانفرنس جي سربراهه سردار عتيق احمد سان فون تي رابطو ڪري سياسي صورتحال ۽ چونڊن جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ مسلم ڪانفرنس جي سربراهه سردار عتيق وچ ۾ فون تي رابطي دوران آزاد ڪشمير ۾ گڏجي حڪومت ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ٻنهي سربراهن آزاد ڪشمير ۾ تري ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ