آئين ۽ عدليه ٽوڙڻ جي راند کيڏڻ نه ڏينداسين، ڪير به مقدس ڳئون بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري: نواز شريف
لاهور: مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف چيو ته پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پنهنجن ئي ادارن پهچايو ۽ غلطيون سڀني کان ٿيون آهن، انهن مان سکڻ جي ضرورت آهي، ڪنهن کي به آئين ۽ عدليه ٽوڙڻ جي راند کيڏڻ نه ڏينداسين، لاهور ۾ صحافي سليم شهزاد جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي گڏجاڻي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته تبديلي لاءِ پختو ارادو ٿيندو پيو وڃي. ان لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو پيو ته ڪنداسين، فوج جي بجيٽ پارليامنيٽ ۾ آڻڻ جي ڳالهه غلط آهي ۽ آءِ ايس آءِ جي بجيٽ جي هائوس ڪميٽي کي جاچ ڪرڻ گهرجي ادارن جي عزت ڪرائڻ چاهيون ٿا، نواز شريف چيو ته جيڪڏهن پنهنجي گريبان ۾ ڏٺو وڃي ها ته ايبٽ آباد ۽ پي اين ايس مهراڻ جا واقعا نه ٿين ها. وزيراعظم يوسف رضا گيلاني آمريڪي پرڏيهي وزير هليري ڪلنٽن کي چيو هو ته پارليامينٽ جي قرارداد جو احترام ڪيو وڃي پر حڪومت کي قومي اسيمبلي جي قرارداد جو پهرين پاڻ احترام ڪرڻ گهرجي. ڪشمير مسئلي کي سڀ کان وڌيڪ اسان جي ادارن نقصان پهچايو آهي، هاڻي ڪنهن کي به آئين ۽ عدليه ٽوڙڻ جي راند کيڏڻ نه ڏينداسين ۽ نه وري صحافين کي مارڻ ڏنو ويندو. جيڪڏهن ٻيهر لانگ مارچ ڪرڻو پيو ته ڪنداسين. هاڻي انقلاب اڳتي وڌندو. ڪير به مقدس ڳئون ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري ۽ نه وري ڪنهن کي بڻجھڻ ڏينداسين. نواز شريف چيوته جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت هجي ها ته دهشتگردي نه ٿئي ها. ڪجهه ماڻهو فوج کي بدنام ڪرڻ جو سبب بڻيا. ڪارگل جنگ بابت مشرف جي ڪور ڪمانڊرز کي به ڄاڻ نه هئي. ڊي سي سي جي گڏجاڻي بعد مشرف جنرل عزيز کان پڇيو هو ته نواز شريف کي ڪارگل جنگ بابت خبر ته ناهي پئي، اها ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جي ٽيپ رڪارڊ به موجود آهي. نواز شريف چيو ته صدر زرداري چيو هو ته مشرف کي استعيفيٰ بعد رعايت ڏيڻ جو چيو هو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ