ڪراچي

آءِ جي ۽ ڊي جي رينجرز کي بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت سرگرم

DG Ranger IG Sindhڪراچي: سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ فياض لغاري ۽ ڊي جي رينجرز اعجاز چوڌري کي سپريم ڪورٽ پاران هٽائڻ واري فيصلي تي نظرثانيدرخواست داخل ڪرڻ لاءِ مسودو تيار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب سنڌ حڪومت طرفان آءِ جي سنڌ فياض لغاري جي بچاءَ لاءِ داخل ٿيندڙ درخواست جي پيروي لاءِ پ پ اڳواڻ ۽ قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي وڪيل مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊي جي رينجرز حوالي سان ايڊيشنل اٽارني جنرل ڪي ڪي آغا درخواست فائل ڪندو. ذريعن موجب درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڻ مرادو نوٽيس تي ڌرين کي ٻڌڻ کان سواءِ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏيڻ جو حق نه ٿي رکي. جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڪو به قدم نه ٿو کڻي سگهجي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آءِ جي سنڌ فياض لغاري ۽ ڊي جي رينجرز اعجاز چوڌري تي اڃا تائين ڏوهه ثابت نه ٿيو آهي. کين ٽن ڏينهن اندر هٽائڻ وارو حڪم درست نه هو.سپريم ڪورٽ کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button