”ناهه ڌڻي ري ڪا درگاهه“

بسم الله احد الله، حاضر ناظر، سو هر گاهه،
صدقو تنهن تان ساه پساه، صائق صاحب کي ساراه،
واهواه! واحد کي واهواه! ناهه ڌڻي رِي ڪا درگاه،

خالق خلقي خلق سموري ــ مانهو، جن ملڪ حضوري،
اُڀ، زمينون، نکٽ نوري ــــ ماڻڪ، موتي مشڪ کٿوري،
راتيون ڏينهن، مندون ۽ ماه، ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه،

عجب اوپائي ڪيئن اوپاج ــــ در، ياقوت، عقيق ۽ عاج،
کير، کٽونبا کنڀيون کاج ــــ اَمان، انب، انجير، اناج،
وڻ ٽڻ، وليون، ونئڻ ڪپاه ــــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه،

آهه اصل ۾ آب مني ــ جنهن مان گل ٿيا گھوٽ وني،
ڪي ڪي غربا، ڪي ته غني ــ رنگ برنگي جوڙ بني،
صافي نگ سفيد، سياه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.

عربي ٻولي، عجمي ڳالهه ــ لڳن سکڻ ۾ جنهن جي سال،
قادر جا ڏس ڪم ڪمال ــ جھڙي مائٽ ڪن مقال،
تهڙي وات ڳڀورن ڳاه ــ ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.

ڪڪر کي جڏهن قادر چوءِ، موجب حڪم هلن ٿا پوءِ،
وسن ولايتن تي، وڃيو پوءِ، وڏڦڙي جو واڪو پوئي،
تار ترايون تڙ، تلاه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.

جھم جھم جھر وسن جھالارا ــ ڪاريون ڪنڍيون ڪڏڪارا،
صحرا چهرا سونهن سارا ــ اوڀڙ ڪن عجيب نظارا،
گلشن ورشن، گولون گاه ــ ناه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.

مني ڪنيءَ جون ڏس تون موجون ــ گادي چڙهيو گل ڪري ٿو گوجون،
شاه سڏائي، شامل فوجون ــ الله ڏياريس اي سڀ اوجون،
قدرت حق تي ڪل گواه ــ ناهه ڌڻيءَ ري ڪا درگاه.

قادر قدرت جو ڪلتار ــ مالڪ ملڪن جو مختيار،
ساري ڏيهه سندو ڏاتار ــ بيشڪ باري آهه ڀتار،
سارو عالم هڪ آڪاه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

مشرڪ تي ٻيلي ناهه ميار ــ جيڪي جوڙي هٿ سين يار،
تنهن جي تيرٿ لاءِ تيار ــ پٿر پوڄي ساڻ پيار،
ناهس واحد تي ويساه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

مورت تي ٿيا مشرڪ راهي ــ ڪن ته پٺي تي واٽ وراهي،
ٻڌن ڳچيءَ ۾ ڳٽ ڳراهي ــ اي سڀ گھوڙا ڙي! گھمراهي،
هر دم هادي هڪ همراهه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

ڪهڙيءَ صورت پوڄين صورت؟ صاحب جوڙيئي سهڻي صورت،
ماڻهو بنيو موتي مورت ــ پٽڙي پاڻيءَ پاتي پورت،
لک لحظي جنهن ۾ لاه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

جنهن حال تي پانڌي پنڌ پون ــ ديکيون درگاه سخن سون،
حال ڪهن ۽ رئن، رڙن ـــــــ ان کي عرب الهه چون،
سو تان حاڪم هيڪ الله ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

سوگڻ صاحب رب سڳوري ـــــــ هرگز پهچون هڪ نه ٿوري،
اڇل عنايت سڀڪا اوري ــ صدقي صدقي، گھوري گھوري،
آيم مير محمد شاه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

مٺي محمد مير مٿي ـــــ جڏهن آيو وحي وير مٿي،
تڏهن خلق سڄي هئي سير مٿي ــــــ تربت تي، وحي تي، تصوير مٿي،
ڪارڻ ڪمن ڪندا هئا ڪاه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پير مبارڪ پرين پاتا ــــــ وحدت وائي ورايئون واتا،
ناهه ڌڻي ري ڪو داتا ــــــ لات منات عزا سڀ آتا،
ٺلها ته ٺوڳين ٺاهيا ٺاهه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پرور ڏئي ٿو پٽ ۽ کير ــ تون ٿو پوڄين پير، فقير،
ورهن کان جي گذريا وير ــــ ساهه نه آهي منجھ سرير،
سي ڪئين وجھندا ٻئي ۾ ساه؟ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

هو جي جڳ ۾ جيئرا ــــــــ وڌا قبر ۾ ڪانڌين ڪيئن؟
جيئرن سان ڪو جائز ايئن؟ آيا ڇونه اڱڻ اڄ سين؟
ڪن عزيز اڪنڊ مان آهه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

هو ته پڄائي پنهنجا ڏينهن ــــــــ سکي وڃي ٿيا سالڪ شينهن،
جن کي جھڙا رب سين نينهن ـــــــــ تهڙا مٿن مره جا مينهن،
بخشين باري ڏوهه گناه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پنن جنهن کان پُٽ ۽ پوٽا ــــ سي ڪيئن ٽارين ٽئي تان ٽوٽا؟
سڀ خيال خدا ري کوٽا ـــــــ ڪاوڙجي تون ڪڍ م اکوٽا،
سمجھي ويندين سنجھ صباح ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

حاجون هٿ ۾ هاديءَ هيڪي ـــ غير گڏيندا غافل جيڪي،
داخل دوزخ ڪندن ڌيڪي ـــــ سنوان صبحاڻي ٿيندا سيڪي،
لڳندن جڏهن بدن کي باه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پيرل کي چؤ تون اي پوڄاري! جنهن جي وراڻي واري،
جوڙي ڳئون يا مينهن موچاري ـــــ هو تان آهن پاڻ اَپاري،
جن تي گوڙ ٻڌن گمراه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پيرل کي چؤ تون اي پانڌي! ڪونج ڪنوار جا تو آندي،
چاڪي چمڪي وانگر چاندي ـــــــ جوڙي اهڙي حور هيڪاندي،
پاڻئون ڏيئي پر ۾ پاه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پيرل کي چؤ تون اي پيئار! جنهن تي لاهين جھنڊ وار،
جوڙ مٽيءَ مان مورت ٻار ـــــ جوڙون جوڙي جوڙڻ هار،
ٻيو سڀ ڪوڙ، قصو ڪوتاه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پيرل مهندان پانڌ پکيڙ ـــــ ڄاڃي ماڃي ميڙ ئي ميڙ،
چؤ ته بدن ۾ پيم بگيڙ ــــــ آيو اجل تنهين کي ٿيڙ،
نيم نهوڙي ٿو ناگاه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

پيرل مهندان لاهي ڀاڳ ـــــ جنهن جا لازم ڄاڻين لاڳ،
باغ بنائي تنهنجا ڀاڳ ــــــــ ڪوڙهيا! اي سڀ ڪوڙا راڳ،
ڪانهي واحد ڌاران واه ـــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

چؤ ڪو پرتو پير پساءِ ــــــــ مون کي دعوا منجھ نه دساءِ،
جوڙ ملاريون مينهن وساءِ ــــــــ پوکن پاڻِ جلد رساءِ،
وهسن وي، وليون وڻراه ـــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

ڪوبه جواب نه ملندئي جاني ـــــ چوندئي ظاهر ساڻ زباني،
ڪُل مَن عَلَيها فَانِي ـــــــــ ٻئي سان ٿي م ٻڌل ۽ ڏاني،
وٺ تون هڪڙي رب جي راه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

جن، ملائڪ، مانهو لک ـــــــــ اُڀري ڪين انهن کان ڪک،
جڙندي مور نه هڪڙي مک ــــــــ ٺهندو پڻ نه پکيءَ جو پک،
توڻي گڏجي ڪن گجگاه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

رزق پهچائڻ ڪم رحمان ــــــــــــــ جنهن جا عيوض بنا احسان،
ڏاتيون ڏي، جي موجب ڏان ـــــــــــ قيمت پهچي ڪنهن کان ڪانه،
پاڏو تنهنجو وڌ نه پنجاه ـــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

ان سکا جي صدقي سانگ ـــــ ڀائين مليم مينهن ڇانگ،
مومل ماڻيئي، منهن تي مانگ ــــــ بدلا ڇڏ، اي بکيا ڀانگ،
ڪهڙي پرور کي پرواه ــــــــــــ ناه ڌڻي ري ڪا درگاه.

دانهن در ڌڻيءَ کان ڍار ـــــــــــ سي تان ڦوڪون منجھ ڦلهيار،
موٽي پونديون منهن ۾ يار ــــــــــ ملندئي محشر ڏينهن ميار،
سرندئي خواري خوامخواه ــــــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

هڪ ڌڻي، جي ڇڏن ڌڻن ـــــــــ ڪم وڻي ٻيا ڪير کڻڻ،
هيڏي هوڏي هٿ هڻن ـــــــ ته به ڊهن زمينون، اُڀ ڇڻن،
آگي ري ير! سڀ اونداه ــــــــ ناه ڌڻي ري ڪا درگاه.

فرش ڪنان تان عرش سڳوري ــــــــ ڏيهه سڄائي ڏس تون ڏوري،
چڱن مٺن کي ڏسي تون چوري ـــــــــ ناه آ جھوڪو ان کان اوري،
ٻين سڀن جا طبل تباه ـــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

شارڪ! شرڪ سندا ڇڏ شيوا ــــــــ ڏاتر هٿ ۾ ڏيوا، ليوا،
ڪر م سوا رب ٻئي جي سيوا ــــــ مهندان ماڻئين محشر ميوا،
جنت منجھ جڙئي جاڳاه ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

جيڪا تنهنجي هٿ ۾ هڙ سي سڀ واحد هڪ جا، وڙ،
لڳ م لٽيا! ڪنهن جي لڙ ــــــ قادر تنهنجو ڪل کان ڪڙ،
ڌار م ڌارين جو ڊپ ڊاءُ ــــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

مالڪ هڪڙو ملڪ ملڪ ۾ ـــــــــــ خالق سوئي خلق، فلڪ ۾،
هٿ انهيءَ جو هڪ چلڪ ۾ ـــــــ سڀن سنڀالي پلڪ پلڪ ۾،
ملڪ سڄي تي مهر نگاه ــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

يَقُول لَههُ، ڪُن فَيَڪُنِ ـــ قائم قدرت جو قانون،
جيڪي جوڙون گونا گون ـــــــ ان حڪم جي هيٺان هون،
ٺهن، ڦٽن سين امر الله ــــــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

آئون ته ڏوهاري ڏٻرو ـــــ قادر! ڪريين منهن جو ڪم،
داور! لاهين دل جو غم ــــ ”احمد“ کي، جي آخر دم،
نعمت ڪلمون ڪج نيباه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

پڻ چيڪ ڪريو
Close
Back to top button
Close