آرٽيڪل

ڳوٺاڻي جو ڪالم

هن ڪالم ۾ ڳوٺاڻون اوهان سان دل جو حال اوريندو ۽ نج ڳوٺاڻي انداز ۾ ڪچهري ڪندو آهي، جنهن ڏينهن اوهانکي منهنجيون ڳالهيون نه وڻن ته هڪل ڪري ٻڌائجو، ته هي بندو ٻي ڪا جُوءِ وڃي وسائيندو.
هن ڀيري ڳجهارت ڪچهري جي مهند ۾ نه پر آخر ۾ ٿيندي ۽ ان کان اڳ اچو ته پاڻ هڪ ٻئي سان هڪڙو ڏک ونڊيون، ان آسري تي من الله پاڻ سڀني کي ڪا ساڃاهه ڏئي ته جيئن پنهنجي پاڻ سان ڪارڙي تِتر واري ڪار نه ڪريون.
بابلاٰ مون جيڪا ڪارڙي تِتر واري ڳالهه ڪئي آهي، ان بابت گهڻي ڀاڱي سنڌ جا ماڻهو واقف هوندا.
ڪارڙو تِتر پکين ۾ ايئن اڻ لڀ، پيارو ۽ سهڻو آهي جو دنيا ان جي ڪڍ لڳل هوندي آهي، ڪي بي رحم ان کي دام ۾ ڦاسائي ڪُهي پنهنجي پيٽ جي دوزخ حوالي ڪندا آهن ته ڪي وري کيس قيد ڪري کانئس آزادي کسي وٺندا آهن.
مون گهٽ پڙهيل ڳوٺاڻي کي الائي ڇو پنهنجي قوم ۽ هن خوبصورت پکيءَ ۾ هڪجهڙائي نظر ايندي آهي، جيئن ڪارڙو تِتر مٺي ٻولي ٻوليندو آهي، تيئن پاڻ لطيف جي ديس واسين جي ٻولي به ماکي جي لار ۽ مصري جي تڙ جيان رس ڀري هوندي آهي ۽ ان جا بيت، وايون، نثر، نظم، ڏهس، ڳيچ، همرچا، جمالا سڀ روح کي راحت رسائيندڙ آهن.
سهڻا پک جيئن تِتر کي مور جيان پکين ۾ نرالو بنايو بيٺا آهن، تيئن منهنجي ديس جي ماڻهن جي لباس اجرڪ، ٽوپي، پٽڪي ۽ لُنگي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ڪنهن شاعر جي چواڻي: ”جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون. اصل لَکن ۾ پڌرا!!
تِتر پکي جيئن جهنگ جي سونهن وڌائيندا آهن، تيئن سنڌي ماڻهو وري جڳ جي سونهن هوندا آهن، هي ڪو آئون وڌاءُ ڪري ڪو نه پيو چوان، تاريخ ايئن ٿي ٻُڌائي. دنيا ۾ شاعر، ڏاها ۽ علم وارا ته ڪئين پئدا ٿيا ۽ ٿيندا رهندا، پر لطيف، آءِ آءِ قاضي ۽ راشدي (حسام) ۾ پاڻ ته ٺهيو پر ٽرمپ، سورلي، ايلسا ۽ اين ميري شمل ڇا ڏٺو جو سندن ديوانا ٿي ويا. پياري پاڪستان ۾ ليڊر ۽ سياستدان ته کوڙ، پر آهي ڪو نالو جو ڀٽي ۽ بينظير جيان جڳ ۾ چنڊ سِتارن جيان جرڪي؟؟!
ٻيلي! هن ڳوٺاڻي جي ڳالهه ڪن لائي ٻڌو ۽ پاڻ پوءِ انصاف ڪجو، جيئن مون اڳي چيو ته ِتِتر پکي کي ڪي مورک ڦاسائي ماريندا آهن ته ڪي وري قيد ڪندا آهن، هو بهو ايئن پاڻ سان به ٿيندو آيو آهي ۽ ٿئي پيو، ڪن پاڻ کي ساموئي، کرڙي، دُٻي ۽ مياڻي ۾ ماريو ۽ ڪُٺو ته ڪن وري چوکنڀو قيد ڪيو، ڄڻ پاڻ سڀ پڃري ۾ پيا آهيون، جنب ٽيپ وارا به 14 سالن کانپوءِ ڇٽي ويندا آهن، پر پنهنجي قيد جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي، هي ڪا هڪ نسل نه پر پيڙهين جي ڪٿا ٿي لڳي!
ڀانيان ٿو ته ڪچهري ۾ اُٿندي ئي مون اوهان کي اهو چئي امر جليل جي ڳالهه وانگر حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو هو ته ”اچو ته هڪ ڏک ان اميد سان ونڊيون ته پاڻ سڀني کي رب پاڪ ڪا اهڙي ساڃاهه ڏئي جو هڪ ٻين سان ڪارڙي تِتر واري ڪار نه ڪريون.“ سو يار! جوان مڙس ٻڌو ٿا ڳجهارت اچي وئي ۽ وارو ڪري ڀڃي ڏيکاريو ته پاڻ هڪ ٻئي سان ڪاري تتر واري ڪار ڪهڙي پيا ڪريون؟ شاباش! همٿ ڪريو، هن کان اڳي ته ڪچهري وارا ڳوٺاڻي جون ڏنل ڳجهارتون پڇڻ ۾ وير ئي نٿا ڪن. هيلوڪو مڙيئي دير پئي ٿئي. خيرل ۽ خميسو به خاموش آهن، ڳالهه ڏکي ڪونهي ڀرپاسي ڳوليو، مڙئي ماٺ لڳي پئي آهي سو لڳي ٿو ته ڳوٺاڻي کي ڳجهارت پاڻ کولي ٻڌائڻي پوندي، سنگت ۾ چاڙهو ڪونهي، ڪي وينجهار مڙس وري راڄ ۾ ڪنهن دعوت تي ويل آهن. چڱو ڀلا! اچو ته ڳجهارت سَليون، شڪاري ڇا ڪندا آهن جو ڦاسايل پکي کي جهنگ ۾ دام ٺاهي ان جي اندر رکندا آهن، جتي هو ٻوليندو آهي ته سندس هم نسل ٻيا پکي سندس طرف ڊوڙندا ايندا آهن، جتي دام تيار رکيل هوندي آهي ۽ شڪارين جي وَر ڇڙهي ويندا آهن.
سو پاڻ سنڌ وارا به هڪ ٻين سان اها ڪار ڪندا آهيون. روزانو اخبارون ڀريون پيون هونديون آهن، هڪڙي ذات ۽ قبيلي وارا ٻئي ذات ۽ قبيلي سان، هڪڙي ڳوٺ وارا ٻئي ڳوٺ سان، هڪڙي شهر وارا ٻئي شهر سان جنگ جوٽيو بيٺا آهن، ننڍا وڏا خوفناڪ هٿيار کنيو شوق سان فوٽو پيا ڪڍائين، ٻار يتيم، ونيون بيواهه ۽ ماءَ پيءَ پوڙهپڻ جي سهارن کان محروم سردارن ۽ ڀوتارن جي بنگلن تي جرڳا ۽ چر ڀيليون، ڳوٺ گام ۽ ٻنيون ويران، نسل تباهه ڪري ڪير پيو؟ اسان پاڻ. آهيون ڪير؟ ساڳي ڌرتي، ساڳي ٻولي، ساڳي سنڌ جو پاڻي پيئڻ وارا، پوءِ آخر پاڻ کي ٿي ڇا ويو آهي، هڪ ٻين کي ڇو پيا ماريون ۽ مارايون؟ سنڌ ۾ ڪي باڙا ۽ ڪلاشن ٺهڻ جا ڪارخانا ته آهن ڪونه پوءِ هي هٿيار ڪير پيو آڻي ۽ اسان جي هٿن ۾ ڏئي، ڪهڙن شڪارين جي چُرچ تي اسان پيا ٻوليون ۽ پنهنجي نسل کي مارايون ۽ تباهه ڪريون؟؟؟
سڄي سنگت ٻڌي پئي، جيڪڏهن اسان ماڻهن هٿ سان نسل ڪُشي جو هي سلسلو اڃان وڌيڪ جاري رکيو ته پوءِ اسان جو حشر آمريڪا جي اصل رهواسي ريڊ انڊين ۽ آسٽريليا جي ايڊ اوريجن کان به شايد بدتر ٿيندو.
پر يار! اچو ته گڏجي دُعا ڪريون ته الله اسان جي قوم کي ڪا ساڃاهه ڏئي، هي ڪُلفتون ۽ ڪدورتون، قبيلائي جهيڙا ۽ مارا ماريون ڇڏي سُرت وارو دڳ وٺون، جنهن ۾ اسان جو به خير ٿئي ته اسان جو ايندڙ نسل به هن ڌرتي تي سک ۽ سلامتي سان رهي، اسان جا ڳوٺ ۽ ويڙها سدا وسندا رهن. (آمين). چڱو موڪلائي ڪونهي.
جاکوڙ تان ورتل

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button