ٺٽو

گھوڙا ٻاري لڳ سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي، 3 فوت 32 ڄڻن کي بچايو ويو

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) گهوڙاٻاري لڳ ٻيڙي ذريعي ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ ويندڙ ڳوٺاڻن جي ٻيڙي تيز هوائن سبب سنڌو درياهه ۾ اوندي ، 32 جڻن کي بچايو ويو، 3 جڻا ٻڏي فوت، هڪ جڻي جو لاش هٿ ، ٻن جي ڳولا جاري، ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقي گهوڙاٻاري جي ڳوٺ رحيم پنهور جا رهواسي ڳوٺاڻا گهوڙاٻاري ويجهو هڪ ٻيڙي ۾ سوار ٿي شادي جي ڪاج خاطر ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ شاهه بندر طرف وڃي رهيا هئا ته سندن ٻيڙي سنڌو درياهه ۾ اوندي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻيڙي ۾ سوار 35 جڻا ٻڏڻ لڳا ان دوران آس پاس جي ملاحن ۽ ڳوٺاڻن مڙسي ڪري 32 جڻن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو ، جڏهن ته 3 ڳوٺاڻا دين محمد هنڱورو ، محمد پنهور، عبدالرزاق هنڱورو ٻڏي فوت ٿي ويا، فوتين جا لاش هٿ ڪرڻ لاءِ ڪينجهر ڍنڍ کان ٽوٻا گهرايا ويا جن وڏي جدوجهد کان پوءِ محمد پنهور جو لاش هٿ ڪري ورتو جڏهن ٻن جڻن جا لاش هٿ اچي نه سگهيا،

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button