حيدر آباد

گرمين جون موڪلون اڄ کان شروع، هزارين شاگردن کي درسي ڪتاب نه ملي نه مليا

حيدر آباد ( م ڊ): سنڌ ۾ تعليمي سال شروع ٿيندي 2 مهينا گذري ويا پر صوبي ۾ هزارين شاگردن کي درسي ڪتاب نه ملي نه مليا، جنهن ڪري اهي اڄ کان شروع ٿيل گرمين جي موڪل جا 2 مهينا واندا ويهي گذاريندا، يادرهي ته تعليم کاتي طرفان سنڌ صوبي ۾ هر سال شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مفت درسي ڪتاب فراهم ڪيا وڃن ٿا، اهي ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ طرفان ڏنا وڃن ٿا، پر گذريل ٻن سالن کان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ وڏي پئماني تي ڪرپشن ۽ نيب طرفان ڇاپو هڻي ڪروڙن جي گهوٻين ۾ ملوث ڪامورن کي گرفتار ڪرڻ ۽ روايتي سستي سبب درسي ڪتابن جي ڇپائي متاثر ٿي ۽ سنڌ جي اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وقت تي ڪتاب نه ڏنا ويا، ان سلسلي ۾ عوام ميڊيا سان ڳالهائيندي شاگردن ۽ شاگردياڻين شمائلا، ثمرين، زبير، اڪرام ۽ ٻين ٻڌايو ته 2 مهينا گذري چڪا آهن پر اسان کي اڃا تائين درسي ڪتاب نه ملي سگهيا آهن، جنهن ڪري پڙهائي اڃا شروع ئي نه ٿي آهي. هاڻ ته گرمين جون موڪلون ٿي ويون آهن، هنن تعليم واري وزير پير مظهر الحق کان مطالبو ڪيو ته کين جلد کان جلد درسي ڪتاب فراهم ڪيا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button