ڪنوار جي اغوا خلاف گهوٽ سميت عورتن ۽ مردن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو
خيرپور(رپورٽ اعجاز جکڙ) ڪنوار جي اغوا خلاف گهوٽ سميت عورتن ۽ مردن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. خبرموجب اربع جي ڏينهن گلو سيال ٿاڻي جي حد ڳوٺ قادربخش چاچڙ مان هٿياربندن ڪنوار مسلم خاتون ناريجو کي اغوا ڪري ويا جنهن جي بازيابي جي لاءِ گهوٽ عبدالرزاق ناريجو، ڪريمان ناريجو، عبدالڪريم ناريجو، مسمات وزيران ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب ٻاهران پاڪ ڪتاب کڻي ڌرڻو هنيو هنن چيوته جوابدار ممتاز ناريجو، امتياز ناريجو، الطاف ناريجو، غفورناريجو ۽ وحيد ناريجو ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار مسلم خاتون ناريجو کي اغوا ڪري ويا آهن پوليس کي بروقت اطلاع ڏنوسين پر پوليس هميشه وانگر ديرسان پهتي ۽ جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا هنن چيوته ٽن ڏينهن اندر اغوا ٿيل مسلم خاتون ناريجو بازياب نه ڪرائي ڏني وئي ته هو پلاند ڪندا جنهن جي ذميواري به حڪومت تي هوندي.