خيرپور

ڪنب جي رهواسڻ کي وڏي وزيرکان انصاف جي گھر

خيرپور ( ڊر ) پٽ جي گرفتاري جي لاءِ ماءُ جي پريس ڪانفرنس خبر موجب ڪنب جي رهواسڻ غلام صغران شيخ خميس جي ڏينهن پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي ننهن آمنه زال محمد علي شيخ کي هٿياربند مومن شيخ ، محمد حنيف هيسباڻي ، محمد پنڃل شيخ ۽ شاهد لکڻ اغوا ڪري ويا هيا جن خلاف اسان ڪيس داخل ڪيو سي تنهن کان پوءِ جوابدار منهنجي ننهن کي گهر ٻاهران ڇڏي هليا ويا هاڻي وري جوابدارن ڪيس تان هٿ کڻڻ جي لاءِ منهنجي گهر تي ڪاهه ڪري سکر پوليس سان ٻٽ بڻجي منهنجي پٽ زاهد شيخ کي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي منهنجي مڙس بخش علي شيخ ۽ پٽ محمد علي شيخ مٿان سکر بندر وال وارو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ ڪا به صداقت نه آهي اسان ڪنب ۾ رهندا آهيون . هن وڌيڪ چيو ته جنهن وقت منهنجي پٽ کي پوليس کڻي وئي ان وقت مان ٻن ڄڻن جماندار مٺل شيخ ۽ ڪراڙو عرف روشن شيخ کي سڃاتو آهي هن وڌيڪ چيو ته يعقوب ٽانوري نالي ماڻهو اسان ڏي فون ڪري ٿو ته ڪيس تان هٿ کڻو نه ته تنهنجي پٽ کي قتل ڪري مارجي ڇڏينداسي هن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان انصاف جي گهر ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button