رانديون

ڪرڪيٽ جي شوقينن پاران آفريدي جو رٽائر مينٽ وارو فيصلو غلط قرار

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي جي رٽائرمينٽ واري فيصلي تي ڪرڪيٽ جي شوقينن گڏيل ردعمل ظاهر ڪيو آهي. لاهور جي ڪرڪيٽ شوقينن ٻڌايو ته شاهد آفريدي جي رٽائرمينٽ وارو فيصلو جذباتي لڳي ٿو جيڪڏهن کيس ڪپتاني تان هٽايو ويو هو ته ان تي ايڏو وڏو فيصلو ڪرڻ صحيح ناهي ۽ ان کي گهرجي ها ته هو بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ها. هنن چيو ته قومي ٽيم کي اڃا شاهد آفريدي جي ضرورت آهي ۽ کيس ذاتي مفاد ڇڏي ملڪي مفادن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي ها. هنن چيو ته اعجاز بٽ ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي شاهد آفريدي کي ڪپتاني تان هٽائي بهتر فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته شاهد آفريدي جو ويسٽ انڊيز دورو ناڪام رهيو، ويسٽ انڊيز ون ڊي سيريز ۾ آفريدي 5 ميچن جي 3 اننگز ۾ صرف 28 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته بالنگ ۾ 169 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. ويسٽ انڊيز خلاف ٽوئنٽي-20 ميچ ۾ شاهد آفريدي صرف 12 رنسون ٺاهي سگهيو ۽ 3 اوورن ۾ 30 رنسون ڏئي ڪا به وڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button