ٺٽو

ڪراچي کان چوهڙجمالي ويندڙ مسافربس ۾ ڦر

ٺٽو (سجاد علي ميمڻ): گهارو ويجهو ڪراچي کان چوهڙجمالي ويندڙ مسافربس ۾ مسافرن جي روپ ۾ سوار 6 هٿياربندن هٿيارن جي زور تي مسافرن کي يرغمال بڻائي کانئن هزارين رپيا روڪ رقم موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڦر جي ويل مسافر گهاري ويجهو قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون. بعد ۾ پوليس پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button