آرٽيڪل

ڏکڻ ايشيا جا شيدي

مراد علي شاهه بڪيرائي
Shadi2009ع تي امريڪا جي صدارتي چونڊن جي نتيجي ۾ جڏهن مارٽن لوٿر ڪنگ جي خواب ساڀيان ماڻي ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت امريڪا جو ڪاري نسل مان پهريون صدر چونڊجي ويو، تڏهن ڪاري نسل وارن جي دنيا ۾ ڄڻ ته انقلاب اچي ويو ۽ واقعي اهو انقلاب کان گهٽ به نه هو. ڪاري نسل وارا انسان جن کي اسين شيدي چئون ٿا، تن کي رڳو سندن رنگ ۽ شڪل جي بنياد تي تاريخ ۾ انتهائي گهٽ درجي وارن انسانن واري حيثيت حاصل رهي، جنهن ڪري هو دنيا ۾ ڪا خاص ترقي نه ڪري سگهيا ۽ اڄ به بک، بيماريون ۽ بدحالي سندن مقدر آهي. ڪن اسريل ۽ سڌريل سڏجندڙ ملڪن ۾ ڀلي کڻي ڪن شيدين کي اتان جي قانون موجب ڪي سهولتون مليل هجن پر باوجود ان جي کين سندن رنگ ۽ شڪل جي ڪري وري به ڪٿي نه ڪٿي گهٽتائي ۽ محروميءَ جو احساس ضرور ٿيڻ لڳي ٿو. جيتوڻيڪ اسلام چٽي نموني ڪنهن انسان جي سٺي ۽ خراب جي پرک رنگ، نسل ۽ ننڍ وڏائي جي بنياد تي ڪرڻ کي رد ڪري ٿو ۽ انهن جي سٺائيءَ جو رڳو هڪ ئي معيار رکيو آهي، اهومعيار آهي انسان جا عمل. الله تعاليٰ سمورن انسانن کي برابري جي حيثيت ڏيندي اهو چٽو ڪيو آهي ته رنگ، نالا ۽ قبيلا رڳو انهن جي سڃاڻپ لاءِ آهن. باوجود انهن حقيقتن کي مڃڻ جي اڄ به اسان وٽ رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ٻٽا معيار جيئن جو تيئن قائم آهن، جنهن ڪري اڄ به ڪن قومن ۽ قبيلن کي گهٽ حيثيت ڏئي سماج جي وهنوار ۾ کين پاسيرو يا مرڳوئي پوئتي ڌڪيو ٿو وڃي. دنيا جي سطح تي شيدين جو نسل ئي اهڙو نسل آهي، جنهن کي سماجي طور پوئتي رکيو ويو آهي، اسان جي ڏکڻ ايشيا خاص طور تي پاڪستان توڙي ڀارت جي جن به علائقن ۾ شيدي رهن ٿا تن سان پڻ ساڳيو ئي سلوڪ رکيو ويو.
ڏکڻ ايشيا ۾ رهندڙ شيدين جو پڻ بنياد افريڪا ئي آهي، افريڪا ۾ شيدين جا هزارين قبيلا ڌار ڌار قبيلائي نالن سان سڃاتا وڃن ٿا، پر ڏکڻ ايشيا جي علائقن ۾ رهندڙ ڪاري نسل وارن جي ذات لاءِ رڳو هڪ يا ٻه خاص نالا مشهور آهن، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ هو ”شيدي“ ذات جي نالي سان مشهور آهن. سماج جي غلط روين کي ڏسندي محروميءَ جي احساس ۾ ورتل هي ماڻهو جيتوڻيڪ هوشو شيدي جهڙن جوڌن تي فخر محسوس ڪن ٿا پر بدقسمتيءَ هاڻ هو پنهنجي نالي سان گڏ ”شيدي“ ڪوٺائڻ ۾ لڄ يا گهٽتائي محسوس ٿا ڪن، جنهن ڪري سنڌ جي ڪن شهرن ۾ رهندڙ شيدي پاڻ کي هاڻ قمبراڻي به ڪوٺائڻ لڳا آهن. پنهنجي نالي سان ڪو نئون نالو يا خاص سڃاڻپ ڳنڍڻ ۾ ڪو عيب ته نه آهي، پر هتي ڪن شيدين جو پنهنجي ذات ۾ تبديلي جو خاص سبب رڳو هڪ ئي نظر ٿو اچي ته شايد هو سماج جي روين سبب ئي لفظ” شيدي“ استعمال ڪرڻ ۾ گهٽتائي ٿا محسوس ڪن.
ڪاري نسل جي ماڻهن کي سنڌ ۾ ”شيدي“ جڏهن ته ڀارت ۾ ”شيدي“، ”سِدي“ يا سِڌي“ به ڪوٺيو ويندو آهي.لغت جي ڪتابن ۾ لفظ”شيدي“ لاءِ ڪا خاص معنيٰ پڌري ٿيل نه آهي، پر ان لاءِ مختلف روايتون ضرور موجود آهن، جن مان هڪ روايت موجب اهو لفظ ”سِدي“ آهي جيڪو اتر افريڪا ۾ ادب طور استعمال ٿيندو هو، جيئن اسان ”جناب“، ”صاحب“ يا ”سائين“ جا لفظ احترام طور ڪتب آڻيون ٿا. ٻي روايت موجب لفظ”شيدي“ اصل ۾ عربي لفظ”سَيَدي“ مان بگڙيل آهي، جيڪو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي احترام لاءِ استعمال ٿيندو هو. جيئن اڄ اهو لفظ”سَيَد “ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ حضرت علي ڪريم جن جي نسل وارن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ٽين روايت اها آهي ته لفظ ”شيدي“ اصل ۾ ”سِدِي“ جي بگڙيل شڪل آهي ۽ ”سِدِي“ وري ”سَيَدي“ جي بگڙيل شڪل آهي، لفظ ”سَيَدي“ سامونڊي ٻيڙن جي انهن ڪپتانن لاءِ به استعمال ٿيندو هو، جن ڪاري نسل جي غلامن کي سڀ کان پهرين سنڌ ۾ پهچايو هو ۽ انهن ڪپتانن جي پٺيان هنن ڪاري نسل جي غلامن کي به ”سَيَدي“ئي سڏيو ويو، جيڪو لفظ ڦٽي”شيدي“ ٿي ويو، هي ٽي روايتون ڦري سري اهو ئي ثابت ڪن ٿيون ته لفظ”شيدي هڪ احترام واري ئي صفت رکندڙ لفظ آهي. ڀارت ۾ ڪاري نسل وارن کي ”سِدِي“ يا ”سِڌي“ سنڌ ۾ ”شيدي“، بلوچستان جي علائقي مڪران ۾ رهندڙ شيدين کي وري ”مڪراني“ يعني ”مڪران جا رهواسي“ ڪوٺيو وڃي ٿو. سريلنڪا ۾ هنن کي “ڪافِر“ يا ”ڪفارا“ سڏجي ٿو، جڏهن ته عرب ۽ ڪن ٻين ڏيهن ۾ هنن کي ”حبشي“ به ڪوٺيو ويندو آهي، اهو نالو به هنن جي ملڪ ”حبش“ جي ڪري پيو جيڪو هن وقت ايٿوپيا جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
پاڪستان ۾ رهندڙ سمورا شيدي مسلمان ئي آهن، جن مان گهڻا سنڌ ۾ ئي رهن ٿا ۽ ٻوليءَ جي لحاط کان سنڌي آهن، ڪراچي ۾ رهندڙ شيدي جيڪي بلوچستان جي علائقي مان آيل آهن، سي وري پاڻ کي ”مڪراني“ ڪوٺائين ٿا ۽ بلوچي ڳالهائين ٿا. جڏهن ته ڀارت جي گجرات، مهاراشٽرَ، ڪيرالا، آنڌرا پرديش، ڪرناٽڪَ ۽ گووا ۾ رهندڙ شيدي مذهبي طور مسلمان، هندو ۽ عيسائي آهن، پر انهن مان گهڻائي سني مسلمانن جي آهي، اهي سمورا شيدي مقامي ٻوليون يعني گجراتي، مراٺي، سواهلي، ڪڇي، ملايالم، ڪونڪاني وغيره ڳالهائين ٿا.
ننڍي کنڊ ۾ شيدين جي اچڻ بابت خيال اهو ڪيو ٿو وڃي ته هتي شيدين جي اچڻ جي شروعات 628هه ڌاري ڀارچ Bharuch بندرگاهه کان ٿي، جنهن کان پوءِ ٻيا شيدي وري 712 هجري ڌاري سنڌ ۾ عربن جي فتح دوران محمد بن قاسم جي لشڪر سان گڏ آيا، ان لشڪر جا سپاهي هئا، جن کي ”زنجي “ ڪوٺيو ويندو هو. هتي رهندڙ گهڻا شيدي انهن غلامن، ٻيڙين وارن ۽ واپارين جو اولاد آهن، جيڪي اوڀر افريڪا مان 1200ع کان 1900ع تائين جي وقت ۾ ننڍي کنڊ ۾ اچي آباد ٿيا، پر انهن مان گهڻن شيدين کي سترهين عيسوي صديءَ ڌاري پورچوگيزن غلامن جي صورت ۾ ننڍي کنڊ جي رياستن جي حاڪمن، اميرن ۽ نوابن وٽ آڻي وڪرو ڪيو. اڳتي هلي انهن غلام شيدين مان ڪن وڏو نالو پڻ ڪمايو ۽ حاڪمن وٽ وڏي اهميت پڻ ماڻي. مغلن جي حڪومت ۾ کين مختلف رياستن ۾ اهم سرڪاري ذميواريون پڻ ملنديون رهيون، جيئن دهلي جي سلطنت ۾ جمال الدين يا قوت نالي غلام هو جيڪو رضيه سلطانه جو ڏاڍو ڀروسي جوڳو ۽ رازدار هو، ايتري تائين جو انهن لاءِ اهو به مشهور آهي ته منجهن پيارجو رشتو پڻ هو. اهڙي ريت وري سنڌ ۾ ميرن جي حاڪميت دوران هوشو شيدي فوج جو اهم ۽ بهادر ڪمانڊر هو، جنهن تي اڄ به نه رڳو شيدي پر پوري سنڌ ناز ٿي ڪري. ساڳي ريت ڀارت جي تاريخ ۾ ملڪ امبر شيديءَ جو نالو به ڏاڍو احترام سان ورتو وڃي ٿو، جنهن ع1595 ڌاري مراٺين ۽ عرب شيدين تي ٻڌل آزاد فوج ٺاهي مراٺين کي سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار نڀايو. هن ”کرڪي“ نالي اهو شهر پڻ آباد ڪيو، جيڪو اڄ ” اورنگ آباد“ جي نالي سان مشهور آهي، ان دکن ۾ مراٺين کي هڪ اهم طاقت ٿيڻ ۾ پڻ مدد ڪئي. مراٺين مغل سلطنت کي ڊاهڻ لاءِ پنهنجي طاقت وڌائڻ لاءِ شيدين جي جنگ بازيءَ جون اٽڪلون پڻ اختيارڪيون، ملڪ امبر شيدي مغل سلطنت دوران هڪ وڏي اهميت رکندڙ شخص هو. 1575ع ڌاري احمد نگر جي بادشاهه نظام الملڪ جو وزيراعظم چنگيز خان پڻ هڪ شيدي هو، جنهن نظام الملڪ جي مرڻ کانپوءِ ان جي پٽ مرتضيٰ (پهرئين) کي سندس ماءُ کان اقتدار ڏيارڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي ۽ 1595ع ڌاري نظام الملڪ جي ٻي پٽ مرتضيٰ (ٻي) جي حاڪميت دوران ان جو وزيراعظم اڀنگر خان پڻ هڪ شيدي هو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button