ٺٽو

ڌاٻيجي ڀرسان وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٻه ڄڻا فوت 8 زخمي

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ): ڌاٻيجي ڀرسان وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٻه جڻا فوت 8 ڄڻا زخمي، ڪراچي کان ڪينجهر طرف پنهنجي خاندان سان گڏ پڪنڪ ملهائڻ لاءِ ايندڙن جي وين جو ڌاٻيجي ڀرسان انڊس آئل رفائنري وٽ قومي شاهراهه تي ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي جي اورنگي ٽائون جا رهواسي ٻه نوجوان 19 سالا ريحان ۽ 18 سالا شاهد ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته ارسلان، جنيد، منان، شعيب، جاويد سميت 8 جڻا زخمي پيا جن کي گهارو رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو بعد ۾ سندن وارث زخمين ۽ فوتين کي ڪراچي کڻائي ويا، داٻيچي پوليس ٽرڪ ڊرائيور افضل پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button