ٽنڊو محمد خان

ڊيپوٽيشن تي ويل ڊاڪٽرن کي واپس گهرايو ويندو ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڊاڪٽرن کي پڻ گهرايو ويندو: ڊي سي او ٽنڊ محمد خان

TMK. DCO presided health meeting 29 6 11ٽنڊ محمد خان : ڊي سي او ٽنڊ محمد خان سيد برڪات احمد رضوي چيو آهي ته تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال ٽنڊو محمد خان کي اپ گريڊ ڪري ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال جو درجو ڏئي اتي جديد طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون .ڊي سي او سيڪريٽريٽ ٽنڊو محمد خان ۾ تعلقي اسپتال کي اپ گريڊ ڪرڻ بابت صحت کاتي جي عملدارن جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي هن چيو ته عوام کي طبي سهولتون سندن درن تي پهچائڻ ضلعي حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ ضلعي جا عوامي نمائندا پڻ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن . هن چيو ته ڊيپوٽيشن تي ويل ڊاڪٽرن کي واپس گهرايو ويندو ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڊاڪٽرن کي پڻ گهرايو ويندو . تعلقي اسپتال جي اپ گريڊيشن بعد مختلف بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر مقرر ڪيا ويندا جنهن سان عوام کي معياري طبي سهولتون ملڻ سميت کين علاج لاءِ وڏن شهرن جا چڪر نه ڪاٽڻا پوندا. ڊاڪٽرن کي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ پڪ اينڊ ڊراپ جي سهولتن سميت ٻيون مراعتون به ڏنيون وينديون ۽ ان مقصد لاءِ ضلعي حڪومت طرفان ٻه هاءِ روف گاڏيون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڊي سي او ٽنڊو محمد خان چيو ته اسپتال کي گهربل جديدسامان پڻ فراهم ڪيو ويندو. ان کان اڳ سانوڻ جي برساتن لاءِ اڳواٽ اپائن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي هن آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ڦليلي ڪينال جي ڪمزور هنڌن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺن ۽ ڪينال اندر جانورن توڙي ماڻهن جي داخلا تي پابندي کي يقيني پڻ بڻائين _ ان موقعي تي هن، لاڳاپيل عملدارن کي برساتن دوران ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آبڪلاڻي سامان تيار رکڻ جي هدايت ڪئي . هن، ٽي ايم او کي برسات کان اڳ شهر جي نالين ۽ گهٽين جي روزانو صفائي ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي .گڏجاڻي ۾ ٽي ايم او ٻڌايو ته انتظاميه وٽ 6 ڊي واٽرنگ پمپس موجود آهن جڏهن ته وڌيڪ 6 واٽرنگ پمپس گهرايا پيا وڃن _گڏجاڻي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي ٽنڊو محمدخان جي سينيئر نائب صدرا عجاز نبي شاهه ، اعجاز شاهه ،اي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر نثار ميمڻ ، ٽي ايم او غلام مصطفيٰ زنئور ، ايس پي او عرفان شاهه ، ڊي او روڊس رحيم بخش سومرو ۽ ٻين ضلعي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button