سکر

چيف انجنيئر سکر فلڊ ايمرجنسي آفيسرن جا نالا جاري ڪري ڇڏيا

سکر: چيف انجنيئر سکر بئراج رائيٽ بئنڪ ريجن لاڙڪاڻو محمد هارون ميمڻ سپرنٽنڊنگ انجنيئر ويسٽرن سنڌ سرڪل، لاڙڪاڻه عبدالرحمٰن نظاماڻيءَ کي رائيٽ بينڪ ريجن لاڙڪاڻو لاءِ سال 2011 دوران پنهنجي اصل ذميوارين سان گڏ فلڊ ايمرجنسي آفيسر مقرر ڪيو آهي. ساڳئي طرح ايگزيڪيوٽو انجنيئر وارهه ڊويزن لاڙڪاڻو طارق احمد ڪيهر کي پنهنجي اصل ذميوارين سان گڏ فلڊ ڊويزن ليزان آفيسر مقرر ڪيو آهي. فلڊ ايمرجنسي آفيسر عبدالرحمٰن نظاماڻي جا فون نمبرز 9410764-074، 910760-074، ۽ موبائل نمبر 8377171-0300 آهي. جڏهن ته فلڊ ليزان آفيسر طارق احمد ڪيهر جو فون نمبر 9410765-074، ۽ موبائل فون نمبر 3402990-0300 آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button