پرڏيھي خبرون

چوڌري ڀائرن جي خواهش هئي ته فوج زرداري کي صدر ٿيڻ نه ڏي: وڪي ليڪس

نيو يارڪ(م ڊ) وڪي ليڪس انڪشاف ڪيو آهي ته چوڌري ڀائرن آصف علي زرداري جي صدر بنجڻ جي حق ۾ نه هئا ۽ سندن خواهش هئي ته فوج زرداري کيصدر بڻجڻ نه ڏئي. انٽر نيٽ تي ڳجها آمريڪي دستاويز شايع ڪندڙ ويب سائيٽ وڪي ليڪس موجب 2008ع ۾ آمريڪي سفير اين پيٽرسن هڪ ڳجهي پيغام ۾ واشنگٽن کي آگاه ڪيو ته مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻن هڪ ملاقات ۾ پرويز مشرف جي با عزت طريقي سان اقتدار مان الڳ ٿيڻ لاءِ مختلف صورتن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ مشرف جي استعفيٰ کان پوءِ سندس سلامتي جي ذميواري چيف آف آرمي اسٽاف کڻندو. نئون بڻجڻ صدر اقتدار جي منتقلي کان پوءِ پرويز مشرف کي دبئي وڃڻ ڏيندو. اين پيٽرسن چيو ته هي پاڪستان لاءِ بهتر هوندو جيڪڏهن پرويز مشرف کي هتي رهڻ ڏنو وڃي. جڏهن ته چوڌري ڀائرن اها ڳالهه قبول نه ڪئي ۽ چيو ته آءِ ايس آءِ پهريان کان متحده عرب امارات ۾ پرويز مشرف جي رهائش جو بندو بست ڪري رهي آهي. آمريڪي سفير پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته چوڌري شجاعت چيو ته نواز شريف آصف علي زرداري کي صدر بنجڻ نه ڏيندو ۽ فوج به زرداري کي صدر طور قبول نه ڪري.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button