خيرپور

چشما جهلم لنڪ ڪئنال پيپلز پارٽي ٺاهيو ۽ ان کي کولرايو به پيپلز پارٽي هو: جلال محمود شاھ

خيرپور ( رپورٽ: اعجاز جکڙ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين جلال محمود شاهه چيوآهي تي جيئن اڳ ۾ ڪوڙن ڪليمن ذريعي سنڌ جي ملڪيتون ڌارين کي ڏنيون ويون هيون هاڻي وري ائين آدم شماري به ڪوڙن ڪليمن ذريعي ڪئي ٿي وڃي چشما جهلم لنڪ ڪئنال پيپلز پارٽي ٺاهيو ۽ ان کي کولرايو به پيپلز پارٽي هو خميس جي ڏينهن لقمان محلي ۾ هڪ وڏي عام جلسي کي خطاب ڪري رهيو هيو. هن چيو ته ڪرفيو هڻي آدم شماري ڪئي وڃي ته به اسانکي منظور آهي پر غلط آدم شماري خلاف سڄي سنڌ ۾ دورو ڪري سنڌي قوم کي سڄاڳ ڪري رهيا آهيون جڏهن 72 ۾ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ٺاهيو ويو هيو سنڌ ۽ سنڌي قوم ان وقت به اعتراض ڪيو هو پر ڀٽي صاحب زوريءَ ان وقت جي وزير اعليٰ کان زبردستي صحي ڪرائي هئي جنهن جو اسان ڀوڳئون ٿا گذريل ٻوڏ ۾ سنڌ تباهه ٿي وئي پر حڪومت ذميواري ايريگيشن آفيسرن  کي تحفظ ڏنو آهي ايريگيشن جي ڪريپشن جو حال ته اهو آهي ته ايريگيشن وارن چيو ته 300 ڪلو ميٽرن جي بندن جي ڪم جي ضرورت آهي ۽ 30 جون تائين ڪم بندن جو نه ٿي سگهندو 80 ڪلوميٽر بندن جي ڪم جي ضرورت آهي ايريگيشن عملدار ۽ وزير رڳو پئسا کائڻ لاءِ سنڌ کي تباهه ڪري رهيا آهن هن چيو ته ٺاهيل ايريگيشن وارن جي رپورٽ اها ڪاڏي وئي بوگس آدمشماري ۾ هاڻي ڪو به سنڌي وزير اعليٰ نه ٿيندو امن امان بحال ڪيئن ٿيندو حڪومت ڏوهارين کي تحفظ ڏئي رهي آهي موجوده حڪومت  ڪريپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ان موقعي تي شبير جمالي ، راجا ڀيلار ، جبار اسلامي  ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

 

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button