ٺٽو

پي پي ڪارڪنن ٺٽي ۾ شھيد راڻي جي 58 ھين سالگرھ ملھائي

ٺٽو (سجاد علي ميمڻ ) شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگره جي موقعي تي پ پ ضلعي ٺٽي پاران پريس ڪلب ٺٽو اڳيان سالگره جي هڪ تقريب ملهائي ويئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪري عطيي طور رت جون بوتلون ڏنيون ۽ قرآن خواني ڪئي، رٿيل تقريب کي پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ارباب وزير احمد ميمڻ ، جنرل سيڪريٽري ۽ ايم پي اي صادق علي ميمڻ، امتياز قريشي ۽ ٻين خطاب ڪندي شهيد بينظير ڀٽو جي زندگي تي روشني وجهندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو، ان موقعي تي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button