رانديونلاھور

پي سي بي پاران آفريدي خلاف ڪارروائي جو فيصلو، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي جي سفارش

لاهور (م ڊ) : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ۽ وقار يونس وچ ۾ تڪرار ٿيڻ بعد ڪوچ وقار يونس کي ٽيم سميت سڀاڻي آئرلينڊ کان وطن پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته شاهد آفريدي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ بورڊ کي سفارش ڪئي وئي آهي ته سندس ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي به پابندي هنئي وڃي. پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سبحان احمد چيو آهي ته وقار يونس جي زال بيمار آهي. ان باوجود کيس سڀاڻي وطن پهچڻ جي لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف پي سي بي چيئرمين اعجاز بٽ چيو آهي ته شاهد آفريدي جي رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ذاتي آهي. پي سي بي سندس ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي نه لڳائي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button