اسلام آباد

پوري دنيا وانگر مسيحي برادري پاڪستان ۾ اڄ عيد نزول ملھائي رھي آھي

pentecostاسلام آباد: اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ مسيحي برادري روح القدس جي نزول جي عيد ملھائي رھي آھي جنھن کي عيد پينتاڪوس جي نالي سان ڄاتو ويندو آھي. ھي ڏينھن مسيحي مذھب جي اعتبار کان ڪليسا جي آغاز جو ڏينھن آھي. ان عيد سان گڏوگڏ مسيحي برادري فصلي شڪرگزاري جو ڏينھن ملھائيندي آھي ۽ گرجا گھرن کي خاص طرح اناج، ميون ۽ سبزين سان سجايو ويندو آھي. ان حوالي سان سڀ کان وڏو اجتماع پنجاب جي صوبائي گاديءَ واري ھنڌ لاھور جي ڪيٿيڊرل چرچ ۾ ٿيو جنھن ۾ ملڪي سالميت ۽ ترقيءَ لاءِ خاص دعائون گھريون ويون.
مسيحي برادري موجوده ملڪي صورتحال جي باوجو جوش ۽ خروش سان پنھنجا مذھبي ڏڻ ملھائڻ لاءِ گرجا گھرن جو رخ ڪندي آھي. عيسائي برادري عيد نزول تي انتھائي خوش نظر آئي، انھن جو چوڻ ھئو ته نعمتن جي شڪر جي طور تي خدا تعاليٰ جو جيترو به شڪر ڪيو وڃي گھٽ آھي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button