پروين مهر جو ٽن مهينن جو حمل ڪيرايو ويو،نرس ۽ دائي گرفتار

ميرپورماٿيلو (م ڊ) پيار جو پرڻو ڪندڙ پروين مهر جو ٽن مهينن جو حمل والدين پاران ضايع ڪرائڻ لاءِ پروين مهر کي ميرپورماٿيلو آندو ويو، پريمڪا جو 3 مهينن جو حمل ضايع، ميرپور ماٿيلو پوليس پروين مهر کي پوليس هٿ ڪري ورتو، ڊاڪٽرياڻي، نرس سميت 3 ڄڻا گرفتار، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. پروين مهر پاران پنهنجي مڙس رياض مهر ڏانهن وڃڻ لاءِ دانهون، منهنجو پي علي محمد مهر ۽ منظور مهر ۽ ٻين منهنجو 3 مهينن جو حمل ضايع ڪرائي منهنجي ٻار جا قاتل بڻجي ويا آهن.

۽ هاڻي منهنجي جان جا ويري بڻيل آهن ۽ مون کي قتل ڪري ڇڏيندا، تحفظ فراهم ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، پروين مهر، تفصيل موجب ڪجهه مهينا اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ پروين مهر جو ٽن مهينن جو حمل والدين پاران ضايع ڪرائڻ لاءِ پريمڪا پروين مهر جو 3 مهينن حمل نرس شوڪت سرفراز دائي ۽ نرس مختياران شيخ ضايع ڪري ڇڏيو آهي. اطلاع تي ميرپورماٿيلو پوليس پريمڪا پروين مهر کي ريلوي اسٽيش نوٽ هٿ ڪري ورتو آهي. جنهن بعد پريمڪا جي چوڻ تي حمل ضايع ڪندڙ نرس شوڪت سرفراز، نرس مختياران شيخ ۽ موج علي مهر کي گرفتار ڪر ورتو آهي. جڏهن ته آخري اطلاع تائين ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته ٿاڻي تي موجود پروين مهر پاران پنهنجي مڙس رياض مهر ڏانهن وڃڻ لاءِ پڻ دانهون ڪندي رهي. ان حوالي سان پيار جو پرڻو ڪندڙ پروين مهر صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو پي علي محمد مهر، منظور مهر، موج علي مهر ۽ ٻين منهنجو 3 مهينن جو حمل ضايع ڪرائي ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي ٻار جا قاتل آهن ۽ هاڻي منهنجي جان جا ويري بڻيل آهن، ۽ هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندا. هن چيو ته مان هن مهل پنهنجي مڙس رياض مهر وٽ وڃڻ چاهيان ٿي. هن چيو ته مون کي بابا پنهنجي دوست قاسم لانگاهه جهانپور ۾ قيد ڪيو ويو هو، ۽ اڄ منهنجي ٻار جا قاتل بڻجي ويا آهن. هن چيو ته مون کي رياض مهر وٽ پهچايو وڃي ۽ مون کي تحفظ فراهم ڪري منهنجي بابا علي محمد مهر، منظور مهر، موج علي مهر، حضور بخش مهر ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن پروين مهر جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کي سسکر منتقل ڪيو ويو آهي

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close