ٺٽو

پارلياماني جهموريت تي وڏيرا حاوي آهن، پارليامينٽ مان قومي مسئلن جي حل ٿيڻ جي توقع ناهي: ماروي ميمڻ

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) اڳوڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ چيو آهي ته هو پارلياماني جهموريت ۾ يقين رکي ٿي پر انهي فورم تي موجوده حڪومت ۽ ان جا وڏيرا حاوي آهن پراتان قومي مسئلا حل ٿيڻ جي توقع ناهي ان ڪري هن عدليه ۽ عوام ڏانهن رخ ڪيو آهي ، ڊسٽرڪٽ بار ٺٽو ايسوسيئشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته بجلي ، پاڻي ، صحت ، تعليم ۽ ٽرانسپورٽ هر شهري جو بنيادي حق آهي اهي مهيا ٿيڻ تي ڪنهن سياستدان جو ٿورائتو ٿيڻ جي ضرورت ناهي هن چيو ته هن پنهنجي ننڍري قانونسازي واري عرصي ۾ قومي مسئلن کي اسيمبلي جي فورم تان کنيو جنهن ۾ ٻولي جو مسئلو ۽ پاڻي جو مسئلو شامل آهن پر هن کي موٽ نه ملي ان ڪري هن ماڻهن ڏانهن رخ ڪيو آهي هن چيو ته سندس پارٽي سان ذهني هم آهنگي نه هئڻ ڪري هن انتهائي قدم کڻي استعيفيٰ ڏني ، هن چيو ته هوءَ پاڪستان جي مشترڪه وجود ۾ يقين رکي ٿي ۽ کيس يقين آهي ته پاڪستان آهي ته چارئي صوبا بهتر نموني سان ڪم ڪري سگهندا ،ان موقعي تي ٺٽو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ عبدالواحد ميمڻ ، ايڊووڪيٽ ديدار حسين قريشي ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button