آرٽيڪل

ٽيڪس چوري

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
Taxٽيڪس چوري دنيا جي ڪنھن بھ معيشت جي لاءِ زھرِ قاتل ھوندي آھي ٽيڪس چور نھ رڳو پنھنجي ناجائز ذريعن ۽ آمدني جي ڪري ڪاري ڌن ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو پر ٻين ماڻھن کي بھ ٽيڪس چوري جي ترغيب ڏئي ٿو. ٽيڪس ڪليڪٽرز ۾ رشوت وٺڻ جو وڏو ڪارڻ بھ ٽيڪس چور ئي بڻجن ٿا، جيڪي پنھنجي آمدني تي جائز ٽيڪس ڏيڻ جي بدران ٽيڪس اھلڪارن کي رشوت جي طور تي وڏي رقم ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ پنھنجي دولت ۾ واڌ ڪندا ھلندا وڃن ٿا. پاڪستان جي آبادي 81 ڪروڙ کان وڌيڪ آھي پر محض 32 لک ماڻھو انڪم ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ آھن ۽ انھن مان بھ محض 9 لک حقيقي معنائن ۾ پنھنجي ٽيڪس جي ادائيگي ڪن ٿا، اھا ڳالھھ بھ ھڪ حقيقت آھي تھ انڪم ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ بيشمار ڪمپنيون اھڙيون آھن جيڪي گذريل ڪئين سالن کان خساري ۾ وڃي رھيون آھن يا پوءِ انھن جي ٽيڪس گوشوارن جي مطابق کين ڪوبھ فائدو نھ ٿي رھيو آھي. حيرت انگيز طور تي اھي سموريون ڪمپنيون جيڪي ڪئين سالن کان لڳاتار خساري ۾ وڃي رھيون آھن بند نھ ٿي رھيون آھن، ڪاروباري نقطي نظر سان ٿيڻ تھ اھو کپي تھ خساري ۾ ويندڙ ڪپمنيون پنھنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏن ۽ ڪو ٻيو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏن، اھڙي ريت جيڪڏھن ڪنھن ڪمپني کي پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪو فائدو نھ ٿي رھيو آھي تھ ان کي بھ پنھنجي ڪاروباري اصولن جي عين مطابق ڪو ٻيو ڪم شروع ڪري ڇڏڻ کپي. ٻئي پاسي اھي حقيقتون بھ سامھون آيون آھن تھ خساري ۾ ويندڙ ڪمپنيون پنھنجي ڊائريڪٽر ۽ ملازمن کي ماھوار ڪروڙين رپيا پگھارون ڏين ٿيون، ڪمپني جي نالي تي قيمتي گاڏيون خريد ڪيون وڃن ٿيون، ڪمپني جا ڊائريڪٽر ھر سال ٻاھرين ملڪ دورا ڪن ٿا، ڪمپني جي ملڪيت ۾ قيمتي جائيدادن جو اضافو ٿيندو وڃي ٿو ۽ ڪمپني جا اڪائونٽس وڌندا ئي ھلندا وڃن ٿا، پر شايد ڪنھن جادو جو اثر آھي جو ھي ڪمپنيون پنھنجي ٽيڪس گوشوارن ۾ يا تھ نقصان ظاھر ڪن ٿيون يا پوءِ کين منعافو ٿئي ئي نھ ٿو. فيڊرل بورڊ آف روينيو اھڙين ڪيترين ئي ڪمپنين جا پروفائيل تيار ڪيا آھن جن کي 91 سببن جي بنا تي کين انڪم ٽيڪس جا نوٽيس موڪليا ويا آھن اھي سبب بئنڪن ۾ موجود انھن جا وڏا اڪائونٽس، قيمتي گاڏين جي خريداري، بجلي ۽ ٽيليفون جي بلن جي خرچن، بيروني ملڪ سفر، ٻارن جي مھانگي تعليمي ادارن ۾ تعليم، پوش علائقن ۾ رھائش سميت مختلف معلومات جي بنياد تي انھن جي آمدني جا ذريعا پڇا ويا آھن، جيڪڏھن انھن ڪمپنين پنھنجي آمدني جا ذريعا ظاھر ڪري ڇڏيا ۽ پنھنجن معاملن جي وضاحت ڪري ڇڏي تھ کين ڪجھھ نھ چيو ويندو. پرپوءِ جيڪڏھن انھن انڪم ٽيڪس نوٽيسز جو جواب نھ ڏنو تھ سندن ظاھري آمدني موجب ٽيڪس اعليٰ عملدار پاڻ ئي واجب الادا ٽيڪس جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏن ۽ کين واجب الادا ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. اھو ئي معاملو 7 لک کان وڌيڪ انھن نون ٽيڪس گذارن سان ڪيو ويو آھي جيڪي ڪروڙين رپين جي آمدني ۽ وسيلن جي باوجود قومي ناڻي ۾ ھڪ پئسي جو ٽيڪس جمع نھ ٿا ڪرائن.
اھي 7 لک ماڻھو معاشري جي طاقتور ترين ماڻھو آھن انھن ۾ ھٿ وڌو ويو آھي، صدر مملڪت آصف علي زرداري ايف بي آر چيئرمين سلمان صديق کي ذاتي طور تي اھا ھدايت جاري ڪري ڇڏي آھي تھ ٽيڪس چورن سان ڪنھن بھ قسم جي نرمي نھ ڪئي وڃي ۽ جيڪڏھن ڪو شخص صدر مملڪت جو نالو وٺي ٽيڪس جي ادائيگي کان بچڻ چاھي تھ کيس قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. اھي ٽيڪس گذار ملڪي معيشت جي لاءِ اثاثو ناھن پر ھڪ بوج آھن، جيستائين اھي ماڻھو پنھنجو واجب ٽيڪس ادا نھ ڪندا ان وقت تائين ملڪي معيشت دٻا* جو شڪار رھندي. گذريل ٽن مھينن جي دوران 9 ھزار نئين ٽيڪس گذارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن ۽ سندن جواب بھ اچڻ شروع ٿي ويا آھن، ٽيڪس جون ادائيگيون بھ شروع ٿي ويون آھن. ھيستائين تھ صرف 3 ارب جي ٽيڪسن جا نوٽيس جاري ٿيا آھن، جڏھن 7 لک ماڻھن جي ٽيڪسن جي چڪاس ٿيندي تھ ملڪي ناڻي ۾ اربين رپين جا نوان ٽيڪس ايندا. حڪومت جو اندازو آھي تھ انھن 7 لک ٽيڪس گذارن مان ترتيبوار ھڪ لک رپيا في ٽيڪس گذار ٽيڪس حاصل ٿيندو ۽ پھرين کان موجود ٽيڪس گذارن تي بوج گھٽ ھوندو. فيڊرل بورڊ آف روينيو ھڪ تمام ڳرو پٿر کنيو آھي ۽ ان جا نتيجا بھ سامھون اچڻ شروع ٿي ويا آھن، نئين ٽيڪس گذارن کي ٽيڪسن جي ادائيگي جا نوٽيس بھ ملي رھيا آھن ۽ انھن با اثر ماڻھن جون سفارشون بھ اچڻ شروع ٿي ويون آھن. ھلندڙ مالي سال روينيو ڊويزن ٽيڪسن جو ترميم ٿيل ھدف 8851 ارب رپيا رکيو ھو ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو اھو ھدف حاصل ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي رھيا آھن. ود ھولڊنگ ٽيڪس جمع ڪندڙ ايجنٽن جي طرفان ڪجھھ معاملا بھ سامھون آيا آھن، جن ۾ صرف بئنڪن فيڊرل بورڊ آف روينيو کي 52 ارب رپين کان وڌيڪ جي ٽيڪسن کان محروم ڪيو آھي، صرف ڪراچي جي بئنڪن ۽ مالياتي ادارن جي طرفان 91 ارب رپين جي ٽيڪس بي قاعدگين جا معاملا سامھون آيا آھن، انھن بئنڪن صارفين سان يا تھ ٽيڪس وصول ئي ناھن ڪيا يا گھٽ وصول ڪيا، پر روينيو ڊويزن جي ٽيڪسن ۾ گھٽتائي جو نشانو بڻائي ڇڏيو، ٻين ود ھولڊنگ ايجنٽن جي معاملن جو جائزو بھ ورتو پيو وڃي ۽ ھتي بھ اربين رپين جي ٽيڪسن جي وصولي جو اندازو لڳايو پيو وڃي، جڏھن کان بئنڪن جي 52 ارب رپين جي ٽيڪسن جو انڪشاف ٿيو آھي، ٽيڪس وصولي جي شرح ۾ واڌ جو عمل شروع ٿي ويو آھي، سمورن ود ھولڊنگ ايجنٽن لاپرواھي جو عمل ختم ڪري ڇڏيو آھي ۽ پنھنجي صارفين کان واجب ٽيڪسن جي وصولي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آھي…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button