خبرون

ٺٽي ۾ اين سي ايڇ ڊي جي سوين ملازمن جو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو ، اداري کي سنڌ حڪومت ۾ ضم ڪرڻ جو مطالبو

NCHD2ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي ۾ اين سي ايڇ ڊي جي سوين ملازمن جو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو ، اداري کي سنڌ حڪومت ۾ ضم ڪرڻ جو مطالبو. اين سي ايڇ ڊي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري زوردار نعريبازي ڪندي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي ڪندڙ خالد ميمڻ، اسدالله خشڪ، منور ڀٽو، گل حسن چوهاڻ، جاويد ميمڻ ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهنگائي ۽ بيروزگاري سبب هزارين نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کڻي در در رلن پيا ۽ روزگار نه ملڻ ڪري اهي ذهني مريض بڻجڻ سان گڏ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻجي رهيا آهن ، هنن چيو ته پ پ حڪومت هميشه روزگار ڏنو تنهنڪري اين سي ايڇ ڊي کي ختم ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي روزگار کي مستقل ڪري چلهون وسائڻ کان بچائي ، هنن مطالبو ڪيو ته اين سي ايڇ ڊي کي جلد سنڌ حڪومت ۾ ضم ڪري ملازم مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button