ڪتاب ۽ رسالا

وينجهار مئگزين جو تازو شمارو ڇپجي ويو


ڪراچي: سنڌي زبان ۾ 27 سالن کان مسلسل ڇپجندڙ ديني،سياسي،علمي،ادبي ۽ تجزياتي رسالو وينجهار مئگزين جو تازو شمارو شايع ٿي چڪو آهي،جنهن جي ٽائٽل اسٽوري ايبٽ آباد ۽ پي اين ايس مهراڻ واقعي جي تناظر ۾”جنگ اڃان به جاري رهندي“! آهي جڏهن ته ايبٽ آباد واقعو:سازش يا سودي بازي؟،حالتون ڪيئن تبديل ٿينديون،اسامه بن لادن مجاهد يا دهشتگرد؟،اخروٽ آباد سانحو ۽ قومي بي حسي،ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا ويا آهن ؟۽ ترڪي اسلامي دنيا لاءِ هڪ رول ماڊل عنوان هيٺ مضمونن کان علاوه نڪور شاعري ۽ ٻيا مستقل سلسلا شامل آهن پڙهندڙ هاڪر يا سنڌ جي ڪنهن به مشهور بڪ اسٽال کان ڪاپي خريد ڪري سگهن ٿا

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button