واجب القتل

ليکڪ: مرتضيٰ محسن
سياست ۾ شائستگي ۽ تھذيب جو دامن ھٿان نھ ڇڏڻ گھرجي، سياست ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جو ھٿ آھي، ان ۾ دروازا ڪڏھن بھ بند نھ ڪيا ويندا آھن، معاملن کي مفاھمت ۽ صلاح مشوري سان حل ڪيو ويندو آھي، سياستدان بدترين مخالفت جي باوجود ھڪٻئي کي واجب القتل يا غدار قرار نھ ڏيندا آھن ۽ نھ ئي اختلافن کي پوائنٽ آف ريٽرن تائين پھچايو ويندو آھي. نون ليگ عام چونڊن کان پوءِ ۽ ان کان پھريان بھ جيڪي سياست اختيار ڪئي ان تي پاڪستان جي باشعور ماڻھن کي ھميشھ تحفظات رھيا، پاڪستان جا جمھوريت دوست حلقا نون ليگ جي طرز سياست تي تنقيد ڪندا آيا آھن. نون ليگ جي قيادت اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ ثابت قدم رھندڙ پنھنجي ھڪ سياستدان ۽ سياسي ڪارڪن راڻا ثناءالله کي گويا سڀ ڪجھھ چوڻ جي کُلي اجازت ڏئي رکي آھي. ھن پنجاب جي اڳوڻي گورنر سليمان تاثير کي واجب القتل قرار ڏنو ھو ۽ ھو ھڪ جنوني ھٿان اسلام آباد ۾ پنھنجي جان تان ھٿ ڌوئي ويٺو، ھاڻي ھن قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي واجب القتل قرار ڏنو آھي. سينيٽ ۾ نون ليگ جي صوبائي رھنما* جي ان بيوقوفاڻي ۽ ٻاراڻي طرز عمل جي خلاف ھڪ فيصلو ڪيو آھي، اھا ڳالھھ ياد رکڻ جي آھي تھ سينيٽ وفاق پاڪستان جي چئن اڪائين تي ٻڌل ادارو آھي، جنھن جو ڪوبھ فيصلو پوري پاڪستان جو فيصلو سمجھو وڃي ٿو. راڻا ثناءالله پنجاب گورنر سليمان تاثير جي زندگي ۾ سندس گھروارن تي ڪجھھ تصويرن جي حوالي سان الزام لڳايا ھئا، جڏھن نون ليگ جي اعليٰ قيادت ان جو نوٽيس ورتو تھ فورن معذرت تي لھي پيو ۽ سليمان تاثير جي ٻارن کي پنھنجي ٻارن جھڙو قرار ڏئي ڇڏيو. راڻا ثناءالله يقينن جمھوريت جي جدوجھد جي دوران ثابت قدم رھي پنھنجي وفاداري ثابت ڪئي ھئي، پر ھوش ھواس جو دامن مٿان نھ ڇڏڻ گھرجي پر اھو بھ سچ آھي تھ جڏھن اعليٰ قيادت جو مٿان ھٿ ھجي تھ پوءِ سياستدانن کي واجب القتل قرار ڏيڻ جھڙا بيان سامھون اچڻ حيرت جھڙي ڳالھھ ناھي ھوندي. محترمھ بينظير ڀٽو ميان نواز شريف سان جڏھن ميثاق جمھوريت تي صحيحون ڪيون ھيون تھ ان وقت گويا ھڪ نئين پاڪستان جو بنياد رکيو ويو ھو، پر نون ليگ ۾ شامل ڪجھھ عنصر ڪنھن جي اشاري تي ھميشھ جمھوريت ڪش مشورا ڏين ٿا ۽ اھي پنھنجا مشورا مڃرائڻ جي اھليت بھ رکن ٿا، انھن عنصرن ميثاق جمھوريت جي فورن بعد ھڪ لنڊن ڪانفرنس ڪوٺرائي پنھنجي مستقبل جي سياست ۽ ميثاق جمھوريت سان پنھنجي "ڪمٽمينٽ” ظاھر ڪري ڇڏي ھئي، لنڊن ڪانفرنس پاڪستان پيپلزپارٽي جي مشاورت بغير ٿي ھئي انھي* جي لاءِ محترمھ بينظير ڀٽو ان ڪانفرنس ۾ پاڻ شرڪت ڪرڻ جي بدران مخدوم امين فھيم کي پنھنجي نمائندگي جي لاءِ موڪليو ھو.
نون ليگ جي قيادت ھڪ آمراڻا حڪومت جي ڪُک مان جنم ورتو ھو ڪڏھن "ايجنسين جو فخر” چورائڻ واري مسلم ليگي قيادت جو طرز عمل محترمھ بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوءِ بھ جمھوريت دوست ناھي رھيو ۽ انھي* طرز سياست سبب کيس پنھنجي ووٽ بئنڪ جي ھڪ تمام وڏي حصي کان محروم ٿيڻو پيو آھي. پاڪستان مسلم ليگ سڀ کان پھرين خيبر پختونخواھھ جي نالي جي مخالفت ڪئي ۽ اھا مخالفت ان سطح تي پھچي وئي جو 81ھين ترميم جو خاتمو بھ ناممڪن نظر اچڻ لڳو ھو، خرابي کان پوءِ مسلم ليگ نون خيبر پختونخواھھ جي نالي کي تسليم ڪري ورتو، پر نون ليگ خيبر پختونخواھھ جي تمام وڏي ووٽ بئنڪ کان محروم ٿي وئي ان کان پوءِ ھزارا صوبي جي تحريڪ ۾ بھ نون ليگ جي قيادت عوامي جذبن جي مخالفت ڪئي، ان جو نتيجو اھو نڪتو جو ھزارا جھڙي نون ليگ جو ڳڙھھ سمجھو ويندڙ علائقي جي ضمني چونڊن ۾ ميان نواز شريف جو اميدوار ھارائي ويٺو. پنجاب جي وڏي وزير ميان شھباز شريف ڪراچي* ۾ وڃي سنڌ کي ٻن صوبن ۾ ونڊڻ جي ڳالھھ ڪري ڏيڀُن جي آکيري ۾ ھٿ وجھي ڇڏيو، اھو بيان نھ صرف غير ضروري ھو پر بي وقت بھ ھو، صرف ان بيان جي ڪري سنڌ ۾ نون ليگ جي ووٽ بئنڪ کي خاص ڪري صوبي جي ٻھراڙي علائقن ۾ جيتري قدر نقصان پھتو آھي ان جو اندازو بھ نھ ٿو لڳائي سگھجي. نون ليگ جي طرفان سرائيڪي صوبي جي مخالفت بھ حقيقت ۾ مقبول عوامي راءِ جي سامھون بيھڻ آھي، پاڪستان پيپلزپارٽي تھ سرائيڪي صوبي جي قيام کي پنھنجي منشور جو حصو بڻائڻ جي ڳالھھ ڪري ٿي، سرائيڪي صوبي جي متعلق پيپلزپارٽي جي موقف ان کي ڏکڻ پنجاب ۾ وڌيڪ مستحڪم ڪيو آھي ۽ اُتي پارٽي جي ووٽ بئنڪ ۾ واڌ ٿي آھي، پر نون ليگ ڏکڻ پنجاب ۾ خاص ڪري ڪمزور ٿي آھي، ان جو نتيجو ضمني چونڊن ۾ اڳوڻي صدر فاروق لغاري جي پُٽ جي ڪاميابي جي صورت ۾ نڪتو آھي، نھ تھ پنجاب ۾ اُھو روايتي طور تي صحيح سمجھو وڃي ٿو تھ ضمني چونڊن ۾ صوبي ۾ برسر اقتدار پارٽي جو اميدوار ڪامياب ٿئي ٿو پر صدر لغاري جي پٽ جي ڪاميابي وڏي معنيٰ رکي ٿي. ھاڻي اھو واضح طور تي نظر اچي رھيو آھي تھ نون ليگ جي سياسي فيصلن جي ڪري ان کي چئني صوبن ۾ نقصان ٿي رھيو آھي. نون ليگ جو سربراھھ ميان نواز شريف ذاتي طور تي بظاھر جمھوريت جي استحڪام جو خواھشمند آھي ۽ ھميشھ اسٽيبلشمينٽ کي تنقيد جو نشانو بڻائي رکيون ويٺي آھي، پر ان جي پارٽي جو طرز عمل ڪجھھ ٻيو ئي ظاھر ڪري ٿو. ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي…

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close