سکر

هن وقت تائين 90 سيڪڙو ٻوڏ جو پاڻي سڪايو ويو آهي ۽ 10 سيڪڙو جون تائين پورو ڪيو ويندو.: چيف انجينئر گڊو بيراج


سکر : : چيف انجينئر گڊو بيراج قاضي ظهور الحسنين پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن وقت تائين 90 سيڪڙو ٻوڏ جو پاڻي سڪايو ويو آهي ۽ 10 سيڪڙو جون تائين پورو ڪيو ويندو. جڏهن ته گڊو ڪمانڊ ايريا ۾ ڪڻڪ جو فصل سٺو ٿيو ۽ ٻوڏ وارن علائقن ۾ 01 مئي کان خريف شروع ٿي ويو آهي. جنوري کان خريف جي فصل تائين تباهه ٿيل هڪ هزار گهارن کي بند ڪيو ويو آهي. وڏو گهارو بي ايس ايف 219 تي هڪ ميل جو گهارو بند ڪيو ويو آهي. جيڪو ٻنهي پاسن کان هو. بيگاري ڪئنال ۾ 78 مين گهارا مڪمل طور تي بند ڪيا ويا. خريف جو پاڻي 25 مئي تي ڇڏيو ويو آهي . هن وڌيڪ ٻڌايو ته 10 جون تائين واهن جي سوڪنگ لاءِ پاڻي روڪيو ويندو جڏهن ته 11 جون تي زميندارن ۽ آبادگارن کي پاڻي ڏنو ويندو. اسان ڊي سي اوز شڪار پور، جيڪب آباد، سکر ۽ ڪشمور ضلعن ۽ علائقي جي زميندارن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي پاڻي جي معاملن تي کين آگاهي ڏني وئي. هاڻي جيڪا به هراسمينٽ هلي ٿي اها درست ناهي زميندارن کي ٻج پوکڻ گهرجي. هن وقت تائين دريا نارمل آهي. بندن جو ڪم 90 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي باقي 10 سيڪڙو هلي رهيو آهي جيڪو 30 جون تائين پورو ڪيو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button