سکر

هن سال 11 لک ڪيوسڪ پاڻي آيو ته سکر بندر وال ان جو مقابلو نه ڪري سگهندي : وڏو وزير

سکر (م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته گذريل ٻوڏ ۾ سنڌو درياءَ جي جن حفاظتي بندن کي نقصان پهتو هو انهن جو مرمت ۽مضبوطيءَ وارو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي ۽ اهو ڪم طئي ٿيل وقت اندر مڪمل ڪيو ويندو. سکر جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٺٽي جي ايم ايس بند ۽ ٽوڙي بند تي هلندڙ ڪم ڏيڍ هفتي اندر مڪمل ٿي ويندو، جڏهن ته لاڙڪاڻي جي عاقل آگاڻي بند تي ڪم تيزي سان جاري آهي اتي اسپر جوڙيو پيو وڃي اميد آهي ته جون جي 15 تاريخ تائين بند جو ڪم مڪمل ٿي ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ماڊل وليج ٺاهڻ جي رٿا جو به جائزو وٺي رهي آهي. جلد اهي اسڪيمون شروع ڪيون وينديون. اهڙي هڪ اسڪيم تحت ٽوڙي بند ويجهو ماڊل وليج تعمير ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪشمير، اترين علائقن ۽ پنجاب ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي اهو پاڻي درياءَ ۾ ايندو ته ان جو دٻاءُ سنڌ تي به پوندو. گذريل سال به 9 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي پر سنڌ تائين 11 لک 80 هزار جيڪڏهن هن ڀيري به ايترو پاڻي پهتو ته سکر جي بندر وال ان پاڻي جو مقابلو نه ڪري سگهندي. وڏي وزير چيو ته سکر شهر سنڌ جو ٽيون وڏو شهر هئڻ ڪري ان جي پنهنجي اهميت آهي. شهرين جو تحفظ حڪومت جو فرض آهي ته جيئن عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته بندروال جي ڀت اندر زمين سنڌو درياءَ جي آهي ۽ ديوار اندر جن ماڻهن گهر ٺاهيا آهن اها ناجائز اڏاوت آهي جيڪا خالي ڪرڻ گهرجي ته جيئن بندروال جي ڀت کي مضبوط ڪري سگهجي. هن بندروال جي اندر رهندڙ ماڻهن کي چيو ته گهر ڇڏي ڪنهن سلامتي واري جڳهه تي هليا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ ايم اين اي ۽ ايم پي ايز جي هڪ ڪميٽي ٺاهي ويئي آهي ان ڪميٽيءَ سان تعاون ڪيو وڃي.ان کان اڳ سکر جي جيلاني روڊ واري علائقي ۾ پنهنجي عزيز سيد فائز شاهه سان سندس والده جي وفات تي تعزيت ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ صوبي جي بجيٽ 9 يا 10 جون تي پيش ڪئي ويندي. ايندڙ بجيٽ 100 سيڪڙو عوام دوست بجيٽ هوندي، جيترو ٿي سگهيو عوام کي لاڀ ڏنو ويندو. وڏي وزير چيو ته ايندڙ بجيٽ عوام بجيٽ هوندي اسان جي حڪومت جا اڃان 2 سال رهيا آهن عوام تي مصيبتن جا پهاڙ نه ٿا ڪيرائڻ چاهيون وفاقي بجيٽ مان ملندڙ شيئر مطابق سنڌ جي بجيٽ ۾ صوبي جي عوام کي هرممڪن رليف ڏن ويندو. ان جو دارومدار وفاق پاران ملندڙ فنڊن تي آهي. مسلم ليگ (ق) سان اتحاد بعد صوبي جي سياست بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته (ق) ليگ سان اختلاف هئا، ساڻن اتحاد بابت فيصلو پارٽي ڪيو آهي. سياست ۾ ڪوبه هميشه دوست ۽ هميشه دشمن نه هوندو آهي. عوام جي ڀلائي لاءِ اتحاد ٺهندا رهندا آهن. سياست ۾ آپشن هميشه موجود هوندا آهن. سنڌ ۾ مسلم ليگ (ق) جا ميمبر حڪومت ۾ نه هوندي به سهڪار ڪري رهيا هئا هاڻي به ڪندا رهندا. مسلم ليگ (ق) وفاق ۾ حڪومت ۾ شامل ٿي وئي آهي پر صوبي ۾ ان حوالي سان اڃان ڪوبه فيصلو ناهي ٿيو. وڏي وزير چيو ته ايم پي ايز پاران پنهنجي تڪن ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ بابت جيڪي شڪايتون ڪيون ويون آهن انهن جو ازالو ڪيو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button