اسلام آبادپنجاب

هاڻي صرف عام چونڊون ئي ٿينديون، ايندڙ اليڪشن ۾ به پيپلزپارٽي کي ڪامياب ٿيڻو آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني


ملتان (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسان جي مخالفن کي به خبر پئجي چڪي آهي ته مڊٽرم اليڪشن جو دور گذري چڪو آهي، هاڻي صرف عام چونڊون ئي ٿينديون.ايندڙ سال مارچ ۾ سينيٽ ۾ به پيپلزپارٽي جي اڪثريت ٿي ويندي پوءِ ماڻهن کي ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ته ايندڙ اليڪشن ۾ به پيپلزپارٽي کي ڪامياب ٿيڻو آهي، سرڪٽ هائوس ملتان ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان چور دروازي مان نه پر ووٽ جي طاقت سان ٻيهر اقتدار ۾ ايندڙن کي تسليم ڪنداسين، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اقتدار جي پارٽي نه آهي هي جدوجهد ڪندڙ پارٽي آهي، اسان اقتدار ۾ هجون يا اقتدار کان ٻاهر جمهوريت ۽ ماڻهن جي حقن لاءِ وڌيڪ موثر ۽ بهتر ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا، حڪومت اسان جي ڪمزوري نه آهي، هن چيو ته وفاق جي پارٽي هجڻ جي ناطي پيپلزپارٽي تي ذميداريون به وڌيڪ لاڳو ٿين ٿيون، اڄ اسان وٽ سادي اڪثريت آهي پر ان جي باوجود چوٿون بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڪارڪن اسان جي پارٽي جو اثاثو آهن، هي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پارٽي آهي، آئون ڪنهن غلط فهمي جو شڪار نه آهيان، اڄ جيڪو ڪجهه به آهيان انهي پارٽي جي ڪري آهيان، وزيراعظم ايندا ويندا رهندا آهن پر پارٽي هميشه رهندي آهي، هن چيو ته آئون پارٽي کي مضبوط ڏسڻ چاهيان ٿو ۽ جن ماڻهن پارٽي کي ڇڏيو اهي سياست مان نڪري ويا، اڄ آئون هڪ ادني ڪارڪن جي حيثيت سان توهان سان مخاطب آهيان. مفاهمت جي سياست منهنجي سياست نه آهي هر اسان جي قائد شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو سياسي فلسفو، ويزن ۽ حڪمت عملي هئي جنهن کي اسان اڳتي وڌائي رهيا آهيون، اسان مفاهمت، شرافت ۽ برداشت جي سياست ڪئي، تنقيد کي کلي دل سان برداشت ڪيو، اسان ميڊيا کي آزادي ڏني ۽ عدليه جي بحالي لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ اسان اها جدوجهد جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ته ڀٽو صاحب هن ملڪ کي آئين ڏنو، شهيد بينظير ڀٽو جو ويزن هو ته آئين کي ان جي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو وڃي، موجوده پارليامينٽ آئين مان آمراڻي دورا جا سڀئي قانون ختم ڪري ڇڏيا. 73ع جو آئين ئي آهي جنهن هن ملڪ کي متحد رکيو آهي، جيتريون به مشڪلاتون آيون اسان انهي ذريعي ان تي ضابطو آندو، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني صدر آصف علي زرداري کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن پنهنجا اختيار پاڻ ڇڏي پارليامينٽ ۽ وزيراعظم جي حوالي ڪيا، ائين ڪو به نٿو ڪري سگهي. مشرف به پنهنجا اختيار ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، وزيراعظم چيو ته اسين ذميوار قوم ۽ ذميدار ملڪ آهيون، اڪيلائپ جو شڪار نه آهيون، پر اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿيا آهيون. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ دنيا اسان جي قربانين کي تسليم ڪري ٿي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button