آرٽيڪل

نھ ڪيل گناھن جي سزا

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
نھ ڪيل گناھن جي سزا ھميشھ جمھوري حڪومتن کي ملي ٿي، کين ورثي ۾ جتي تباھھ ٿيل معيشت ملي ٿي اُتي رياستي ادارا بھ رڙھندا رھن ٿا. آمراڻا حڪومتون پنھنجي قدرن جي تسلسل لاءِ لوڱا ڪريسي کي ھٿي ڏين ٿيون. ڪرپشن، بدعنواني کان محض ان لاءِ اکيون بند ڪيون وڃن ٿيون جو ڊڪڱيڱرن جي حمايت ڪندڙ سياسي ڌريون ناراض نھ ٿي وڃن. پاڪستان جي سياسي تاريخ جي اھا ھڪ ڪڙي حقيقت آھي تھ عالمي طاقتون ۽ عالمي مالياتي ادارا جيڪي ھڪ سِڪي جا رُخ آھن اھي آمرن کي ھٿي فراھم ڪرڻ جي لاءِ پنھنجا ساڄا ھٿ فراھم ڪن ٿا. آمراڻا حڪومتن ۾ لنڊن ۽ پئرس ڪلب جا قرض ري شيڊول ڪيا وڃن ٿا. عالمي مالياتي ادارن جي ناڻن جا منھن کوليا وڃن ٿا ۽ آمرن کي ھڪ عظيم رھنما جي طور تي پينڱ ڪري عالمي طاقتون پنھنجي مرضي جا فيصلا ڪرائن ٿيون. جمھوري حڪومتن ۾ اھو سڀ ڪجھھ نھ ٿيندو آھي، عوام جون نمائندا چونڊيل حڪومتون جيتوڻيڪ عوام جي آڏو جوابدھھ ھونديون آھن، ان لاءِ عالمي طاقتن ۽ عالمي مالياتي ادارن جي فيصلن تي اکيون بند ڪري صحيحون ناھن ڪيون وينديون، ھي اھو ئي پاڪستان آھي جتي ڊاڪڱر عافيھ صديقي سميت بيشمار پاڪستانين کي غير ملڪين جي حوالي ڪيو ويو، پر ھاڻي ائين نھ پيوڪيو وڃي، ھاڻي عدالتن جي فيصلن جو انتظار ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان اڄ تبديل ٿيل پاڪستان آھي، چونڊيل جمھوري حڪومت کي ورثي ۾ بي پناھھ دھشتگردي تحفي ۾ ملي ھئي اھا دھشتگردي ملڪ جي ھر پاسي عوام کي يرغمال بڻايون ويٺي ھئي. سوات ۽ مالاڪنڊ ڊويزن ۾ دھشتگردن جو تقريبن قبضو ٿي چڪو ھو ان لعنت کي جمھوري حڪومت سياسي قيادت سان گڏجي ختم ڪرڻ جو جيڪو عزم ڪيو آھي ان جون جھلڪيون نظر اچي رھيون آھن. سوات ۽ مالاڪنڊ ڊويزن ۾ پاڪستان جو جھنڊو لھرايو ويو آھي. ڏکڻ وزيرستان کي ھڪ پُرامن علائقو بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون حتمي مرحلن ۾ پھچي چڪيون آھن، جڏھن تھ اتر وزيرستان ۾ بھ بتدريج امن، خوشحالي ۽ ترقي جي خواب جي تعبير سامھون آندي پئي وڃي، اھو سڀ ڪجھھ عوام جون نمائندا حڪومتون ئي ڪري سگھن ٿيون.
پاڪستان پيپلزپارٽي جي موجودھ مخلوط حڪومت کي ورثي ۾ دھشتگردي کان علاوھ جنھن مصيبت جو منھن ڪرڻو پيو ھو اھا تباھھ حال معيشت ھئي، اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز پنھنجي حڪومت جي آخري 6 مھينن جي دوران عالمي مارڪيڱ ۾ ٿيل پيڱروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ کي صارفين تائين نھ پھچايو، انھن ڇھن مھينن جي دوران عالمي مارڪيڱ ۾ ڪچي تيل جي قيمت .5 ڊالر في بيرل مان وڌي .51 ڊالر تائين پھچي وئي. آئل مارڪيڱنگ ڪمپنين کي ادائيگيون نھ ڪيون ويون، اھڙي ريت توانائي جي شعبي جي ٻين ادارن بھ انھن ڇھن مھينن جي دوران اوڌر مان ڪم ھلايو جنھن جو نتيجو 4 سئو ارب رپين کان وڌيڪ جي گردشي قرض جي صورت ۾ نڪتو، اھو گردشي قرض معيشت جي رڳ رڳ ۾ سمائجي چڪو آھي ۽ اُڏھي وانگر ملڪي معيشت کي چڱي رھيو آھي. حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ٿي تھ عوام جي مشڪلات ۾ واڌ ٿئي ٿي ۽ جيڪڏھن واڌ نھ ٿي ڪري تھ گردشي قرضن جو تعداد وڌندو وڌندو سونامي جي شڪل اختيار ڪري ويندو. عالمي مالياتي ادارن سان طئي ٿيل شرطن تي عملدرآمد جو نتيجو جن مشڪلاتن جي صورت ۾ نڪرندو ان کان حڪومت چٽي ريت آگاھھ آھي، ان جي لاءِ اِھو بھ پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ٿيو آھي تھ عالمي مالياتي ادارن جي شرطن تي عملدرآمد روڪيو ويو ۽ آءِ ايم ايف سان وڌيڪ ڳالھايو ويو. پاڪستان جي دوري تي آيل آءِ ايم ايف جي مشن سان ھاڻوڪين ڳالھين ۾ پاڪستان اقتصادي سڌاري تي عملدرآمد جي خاطري ڏياري آھي، پرپوءِ آءِ ايم ايف کي اھو بھ باور ڪرايو ويو آھي تھ دھشتگردي جي خلاف جنگ جي ڪري پاڪستاني معيشت تي جيڪو واڌو بوج ھو گذريل سال آيل ٻوڏ سبب اھو بوج وڌي وڌيڪ خطرناڪ ٿي چڪو آھي. آءِ ايم ايف طرفان ھاڻوڪين ڳالھين کان پوءِ جاري ڪيل مشن اسڱيڱمينڱ ۾ پاڪستان سان 3.11 ارب ڊالر جي اسڱينڊ باءِ پروگرام تي ڳالھين کي تعميري قرار ڏيندي پاڪستان جي قدمن تي اطمينان جو اظھار ڪيو ويو آھي.
پاڪستان گذريل چئن مھينن جي دوران عالمي مارڪيڱ ۾ ٿيل پيڱروليم مصنوعات جي قيمتن جي واڌ کي صارفين تائين منتقل نھ ڪيو آھي. عالمي مارڪيڱ ۾ گذريل چئن مھينن جي دوران ڪچي تيل جي قيمت ۾ 52 سيڪڙو واڌ ٿي آھي، جڏھن تھ پاڪستان ۾ صرف 5 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آھي. اھڙي ريت حڪومت نومبر .1.2ع کان بجلي جي قيمتن ۾ 2 سيڪڙو ماھوار واڌ جو سلسلو روڪي ڇڏيو ھو. آءِ ايم ايف جي ان شرط تي جيڪڏھن عملدرآمد جاري رکيو وڃي ھا تھ چئن مھينن جي دوران بجلي جي قيمتن ۾ 8 سيڪڙو تائين واڌ ٿي چڪي ھجي ھا. ھاڻي حڪومت جيڪڏھن 2 سيڪڙو واڌ ڪندي بھ تھ 6 سيڪڙو واڌ کان عوام کي بچايو ويو آھي. چئن مھينن جي دوران پيڱروليم مصنوعات تي ڏنل سبسڊي 52 ارب رپين مان ڱپي چڪي آھي، اھڙي طرح جا فيصلا ان وقت ممڪن ھوندا آھن جڏھن عوام آڏو جوابدھھ حڪومتون عوام جي ڀلائي* جي لاءِ قدم کڻنديون آھن. سياسي حڪومتن جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ عالمي طاقتن جي دٻا* جي سامھون بيھڻ صرف ان جي لاءِ ممڪن ھوندو آھي ڇوتھ ھو عوام جون نمائندا ھونديون آھن. آمراڻا حڪومتن کي نھ ئي ڪنھن دٻا* ۽ شرطن جو منھن ھوندو آھي ۽ نھ ئي مالي مشڪلات پيش اچي ٿي، تبديل ٿيل پاڪستان ھاڻي بھتري ڏانھن سفر ڪندو، ان جا آثار مختلف پاسن ۾ نظر اچڻ شروع ٿي چڪا آھن، آپگھاتي حملن، بم ڌماڪن، امن امان ۽ توانائي جي مسئلن جي باوجود پاڪستاني برآمدات ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو .2 ارب ڊالر جي ھدف کان ڱپي رھي آھي. بيروني ملڪ رھندڙ پاڪستانين طرفان ترسيلات زر بھ ھلندڙ سال .1 ارب مان ڱپي ويندي. زرمبادلي جا ذخيرا 61ارب ڊالر جي تسلي بخش سطح تي آھن، جڏھن تھ پاڪستان کي چار ارب ڊالر جي واڌو بيروني وسيلن جي ضمانت بھ حاصل آھي، اھڙي ريت .5 ارب ڊالر جو اھو بيروني اڪائونڱس جو رليف پاڪستان جي شاندار مستقبل جي ھڪ نويد آھي. گئس جي گھرج ۽ پھچ ۾ عدم توازن جي خاتمي لاءِ سپريم ڪورڱ جي ھدايتن جي روشني ۾ ايل اين جي درآمد جا ڱينڊر ٻيھر جاري ڪيا پيا وڃن ۽ 81 مھينن جي دوران ان منصوبي مان گئس جي فراھمي شروع ٿي ويندي. اھڙي ريت پاڪ ايران ۽ پاڪ ترڪمانستان گئس پائپ لائن منصوبو بھ مستقبل ۾ گئس جي گھرج ۽ پھچ ۾ عدم توازن کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button