اسلام آباد

نوجوان جو قتل، ڊي جي رينجرس ۽ آءِ جي سنڌ کي سندن عھدن تان ھٽايو ويو

اسلام آباد: پاڪ فوج سنڌ رينجرس جي ڊي جي ميجر جنرل اعجاز چوڌري کي ان عھدي تان ھٽائي ڇڏيو آھي جڏھن ته وفاق سنڌ جي آءِ جي فياض لغاري کي ھٽائي ڪري اسلام آباد ۾ اسٽبلشمنٽ ڊويزن موڪلي ڇڏيو آھي. پاڪ فوج جي ترجمان طرفان اڄ ھڪ مختصر بيان جاري ۾ چيو ويو آھي ته ميجر جنرل اعجاز چوڌري جي بدلي ڪئي وئي اھي ۽ اھو قدم سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي پيروي ڪندي کنيو ويو آھي. سپريم ڪورٽ جي پنجن رڪنن تي مشتمل بينچ ڪراچي جي نوجوان جي قتل جو ازخود نوٽس ورتو ھئو. عدالت ان واقعي تي ڊي جي رينجرس ۽ آءِ سنڌ کي ٽن ڏينھن ۾ ھٽائڻ جو حڪم ڏنو ھئو، ان جي مھلت ڪالھھ ختم ٿي وئي ھئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button