نعيم احمد کرل هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي
خيرپور: پيپلز ڊولپمينٽ ڪاميٽي خيرپور جي چيئرمين ايم پي اي نعيم احمد کرل جي صدارت هيٺ ڊي سي او درٻار هال ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ڊي سي او خيرپور ، اِي ڊي اوز، ٽي ايم اوز ۽ ٻين ضلعي عملدارن شرڪت ڪئي. ساليانه گڏجاڻي ۾ ضلعي اندر هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو ويو جڏهن نئين اسڪيمن جي حوالي سان پڻ غور و فڪر ڪيو ويو. چيئرمين پيپلز ڊولپمينٽ ڪاميٽي نعيم احمد کرل گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ضلعي جي تمام تعلقي ميونسپل ايڊمنسٽريٽرن کي هدايت ڪئي ته هوُ سندن لاڳاپيل تعلقن ۾ ترقياتي ڪم ضلعي حڪومت جي ايڊمنسٽريٽر ۽ پيپلز ڊولپمينٽ ڪاميٽي جي منظوري سان سر انجام ڏين جڏهن ته ڪوٽيشنل ورڪ کان پرهيز ڪن. ان موقعي تي هر تعلقي جي ٽي ايم ايز پنهنجي ماهوار ملندڙ بجيٽ جا انگ اکر ٻُڌايا جنهن ۾ ڪنگري ٽي ايم ايز جي ماهوار بجيٽ جو شيئر هڪ ڪروڙ 8لک، ميرواه جي هڪ ڪروڙ 31لک گمبٽ جي 97 لک، صوڀوديرو جي هڪ ڪروڙ 22 لک، ناري تعلقي جي هڪ ڪروڙ 71 لک، خيرپور تعلقي جي هڪ ڪروڙ 10لک جڏهن ته گڏجاڻي ۾ فيض گنجي ۽ ڪوٽ ڏجي تعلقن جي ٽي ايم ايز جي بجيٽ جا انگ اکر معلوم نه ٿي سگهيا. ان موقعي تي ضلعي جي مختلف تعلقن جي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي ۽ لاڳاپيل تعلقن اندر ترقياتي ڪمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. گڏجاڻي ۾ ڪجهه آفيسر جي غير حاضري تي ايم پي اي نعيم احمد کرل ناراضگي جي اظهار ڪندي ڊي سي او کي انهن خلاف شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا. گڏجاڻي ۾ اي ڊي او فنانس احمد علي قريشي، اي ڊي او روينيو شاهزمان کهڙو، اي ڊي او ورڪس اينڊ سروسز محمد بچل ميمڻ، اي ڊي او ايجوڪيشن غلام اصغر ميمڻ، اي ڊي او آءِ ٽي سيد صابر علي شاهه، ڊي او روڊس عبدالغفار شيخ، ڊي او بلڊنگ رياض حسين، پي ڊي اسڪارپ منظور حسين پنهيار، انجنيئر پبلڪ هيلٿ احمد خان ابڙو، تعلقي ميونسپل ايڊمنسٽريشن جي نمائندن ۽ پارٽي ورڪرن علي شير مڪول، سيد لياقت علي شاهه، محمد جمن لغاري، غلام حسين ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي.