رانديون

مڪلي تي ملھھ جو ملاکڙو، دين محمد ، انو ڍولو کي شڪست ڏئي ڇڏي

ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ضلعي حڪومت ٺٽو پاران پهريون ڀيرو سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جو ملاکڙو مڪلي تي منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سموري سنڌ مان ملهه پهلوانن شرڪت ڪئي ۽ پهلواني جا جوهر ڏيکاريا، ضلعي ائڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او ٺٽو جي هدايتن تي سوشل ويلفيئر کاتي پاران مڪلي جي فٽبال گرائونڊ تي ملهه جو ملاکڙو منعقد ڪيو ويو ، جنهن ۾ ، مٽياري، ڪشمور حيدرآباد، سعيد آباد،ڀٽ شاهه، ٺٽو ۽ ٻين ضلعن جي ملهه پهلوانن حصو وٺي پهلواني جا جوهر ڏيکاريا، پهلوان وزير ڪنڊرا پهلوان انور ڍولو کي ميدان ماري انعام حاصل ڪيو،جڏهن ته پهلوان دين محمد ڪوريجو، پهلوان اياز شيدي کي شڪست ڏيئي مقابلو کٽيو، پهلواني جا جوهر ڏيکاريندڙ پهلوانن شاهنواز ميربحر، ڀلو شيدي ، دوست علي بروهي، ، عنايت الله خاصخيلي، غلام نبي شيدي،سومار بڪيرو، ماجد ڊکڻ ، راجب حسين، يعقوب شيدي ، مبارڪ علي ملاح ۽ ٻين ۾ ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي ، سماجي ڀلائي واري کاتي سي ڊي ڊي جي اي ڊي او جاويد صبغت الله مهر ۽ ٻين پاران انعام تقسيم ڪيا ويا، ان موقعي تي ضلعي ائڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي چيو ته ملهه سنڌ جي ثقافتي راندين مان اهم راند آهي جنهن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button