مٺي

مٺي لڳ ماستر گيهه گهرڻ تي شاگرد کي رتورت ڪري ڇڏيو، احتجاج، استاد معطل

Schoolمٺي ( م ڊ): مٺي ڳوٺ هوٿي جي تڙ ۾ پرائمري اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻئين ڪلاس جي شاگرد گلاب ولد جوجهو ڀيل پاران ورلڊ فوڊ پروگرام تحت ملندر گيهه ۽ بسڪيٽ استاد رحيم ڏني نهڙي کان گهرڻ تي هن ڪاوڙ ۾ اچي گيهه جو جواب ڏنو ۽ بعد ۾ والدين اسڪول جي استاد کي گيهه نه ڏيڻ تي شڪايت ڪئي ۽ هنن چيو ته گيهه ڇو نه ٿو ڏين؟ استاد گيهه جو 5 ليٽر وارو دٻو ڏنو ۽ بعد ۾ شاگرد گلاب کي پٺن، ٻانهن ۽ ويهڪ واري جاءِ تي ڌڪ هڻي رتورت ڪري ڇڏيو آهي، شاگرد دانهون ڪندو گهر پهتو ته نينگر جي ماءُ ست ٻائي ڀيل، چاچي ميوو، واگهو ڀيل ۽ زخمي شاگرد پريس ڪلب مٺي پهچي احتجاج ڪندي چيو ته سرڪار طرفان موڪليل گيهه هڙپ ڪرڻ جو آواز اٿارڻ تي نينگر تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، ماستر خلاف ڪارروائي ڪري نوڪري مان فارغ ڪيو وڃي، ٻي پاسي اهڙي دانهن اي ڊي او مٺي ولي محمد بجير کي ڏني وئي جنهن فوري طور تي ماستر کي آرڊر نمبر 515 ، 31 مئي 2011ع تحت معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ استاد رحيم نهڙي خلاف مٺي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪري ٻار گلاب کي سول اسپتال مٺي ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو آهي، ٻي پاسي ڀيل اتحاد پاران اهڙي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button