لاڙڪاڻو

مولوي نواز شريف پيپلز پارٽي کي فوج سان ويڙھائڻ چاھي ٿو: زرداري

Kiani Zardariنئون ديرو: صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪي ادارن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. جيڪڏهن ادارن ۾ ٽڪراءُ ٿيو ته ان سان ملڪ جونقصان ٿيندو. اسان فوج، عدليا، ميڊيا ۽ ٻين سڀني ادارن کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا. حڪومت تي ٿيندڙتنقيد تي ڪاوڙناهيون ڪندا پر مخالف اصلاحي تنقيد ڪن. منهنجي فلاسافي سمجهڻ لاءِ مخالفن کي منهنجي ڪمري ۾ اچڻو پوندو. مونمفاهمتي فلاسافي شهيد بينظير ڀٽو کان سکي هئي. مفاهمتي عمل ملڪ لاءِ انتهائي ضروري آهي جيڪو جاري رکيو ويندو. نئون ديرو هائوس ۾ بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف زرداري چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. ڪنهن به صورت ۾ دهشتگردي خلاف جاري جنگ ختم نه ڪنداسين. اڄ اسان انهن ماڻهن لاءِ رت ڏنو جيڪي شهيد يبنظير ڀٽو جي سوچ موجب دهشتگردن خلاف ڏورانهن هنڌن تي جنگ وڙهي رهيا آهن. اسان کين سلام پيش ڪريون ٿا. اسان ان سياسي قلندر جا مجاور آهيون جنهن تباهه ٿيندڙ ملڪ کي مضبوط بڻايو ۽کيس ايٽمي سگهه ڏني. ملڪ ۾ مضبوط جمهوريت ڏسي مولوي نواز شريف کي تڪليف ٿي رهي آهي اسان جمهوريت وسيلي ماڻهن جي سوچ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا.نواز شريف ان تي افسوس نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بجلي جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ نوان پلانٽ لڳايا پيا وڃن. عوام ڄاڻي ٿوته بجلي جو بحران ڪنهن جو ڏنل آهي. هن چيو ته بجلي جو بحران صرف پاڪستان ۾ ناهي انڊيا ۽ برطانيا به بجلي بحران جو شڪار آهن.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button