خيرپور

موجوده حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي پورو ڪندي: قائم علي شاھ

خيرپور: ان کان اڳ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني ٻٻرلوءِ ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد ناصر علي شاهه جي سهري سيد خادم حسين شاهه جي وفات تي، ڳوٺ جنڊاڻ ۾ امداد حسين جنڊاڻ سان سندس والد الهورايو جنڊاڻ جي وفات تي ، ڳوٺ ڪٽوهر ۾ پ پ اڳواڻ حاجي سليمان ڪٽوهر سان سندس والده جي وفات تي جڏهن اوستاگاهي ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻ لعل بخش منگي سان سندس ويجهي عزيز سائينداد منگي جي وفات تي ۽ انبار محلي ۾ فوت ٿي ويل پيپلز پارٽي اڳواڻ حاجي ڪوڙل خان موريجو جي وفات تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سان پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد جاويد علي شاه جيلاني، سيد امجد علي شاهه جيلاني، علي شير مڪول، محمد صالح انصاري، غلام حسين مغل ۽ ٻياپارٽي اڳواڻ ساڻس گڏ هئا. جڏهن ته وڏي وزير سان سندس پوليٽڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو، پرسنل سيڪريٽري مظهر علي، ڊي سي او محمد عباس بلوچ، آر پي او سکر سيد ذوالفقار علي شاهه، ڊي پي او عرفان بلوچ ۽ ٻيا ضلعي عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button