پرڏيھي خبرون

ممبئي جهڙو حملو ٿيو ته ان جو ڀرپور جواب ڏينداسين: ڀارت

سنگاپور (م ڊ) ڀارت هڪ دفعو ٻيهر ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ موجود عسڪريت پسندن ڀارت تي ممبئي جهڙو ڪوئي ٻيو حملو ڪيو ته ڀارت خاموش نه ويهندو ۽ ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو اسان پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه جي ذريعي انهن دهشتگردن جو خاتمو چاهيون ٿا جيڪي نه صرف ڀارت پر خود پاڪستان لاءِ به وڏو خطرو آهن ڀارتي دفاع واري وزير مملڪت ايم ايم پالم راجو گذريل ڏينهن هتي هڪ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ موجود دهشتگردن ڪوئي ٻيو حملو ڪيو ته ڀارت جوابي ڪارروائي لاءِ دٻاءُ وڌي ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button