لاھور

ملڪ ڦريندڙن ۾ ڪامورا، جج، جرنيل، سياستدان ۽ جاگيردار شامل آهن: شهباز شريف

لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي وڏي وزير محمد شهبازشريف چيو آهي ته ملڪ کي جرنيلن، سياستدانن، جاگيردارن ۽ بيوروڪريٽس سميت سڀني لٽيو آهي غريب ماڻهو اڄ تائين ڊالر جي شڪل به ناهي ڏٺي جڏهن ته پرڏيهي امداد ملڪ کي لٽيندڙ هڙپ ڪن ٿا پنجاب حڪومت پنهنجا خرچ گهٽتائي صوبي ۾ صحت ۽ تعليم جي منصوبن کي هلائيندي هو گذريل ڏينهن جي سي يونيورسٽي ۾ معاشي خودمختياري ۽ خود انحصاري جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو وزيراعليٰ شهبازشريف چيو ته اسان پرڏيهي امداد نه وٺڻ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو آهي ۽ پرڏيهي امداد نه وٺي به صحت ۽ تعليم سميت سڀني شعبن ۾ بهتري لاءِ منصوبا جاري رکنداسين هن چيو ته پاڪستان ۾ جيتري به غير ملڪي امداد آئي آهي ان سان غريب ۽ عام ماڻهو کي ڪوئي فائدو ناهي ٿيو. هن چيو ته جيڪڏهن پرڏيهي امداد بند ڪئي وڃي ته ان سان عام ماڻهو تي ڪوئي فرق نه پوندو پر ملڪ جي خودمختياري جو تحفظ ٿيندو ۽ اسان پنهنجن پيرن تي بيهي سگهنداسين

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button