رانديون

مخالف رانديگر هٿان مليل شڪست وسارڻ ڏکيو ڪم آهي: ثانيا مرزا

نئين دهلي: ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا چيو آهي ته هارائڻ کي وسارڻ ڏکيو هوندو آهي. ان باوجود فرينچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾پنهنجي ڪارڪردگي مان مطعمن آهيان. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته شڪست شڪست هوندي آهي ۽ ڪنهن به ايونٽ ۾ ناڪامي تي تمام گهڻو ڏک ٿيندو آهي. هن چيو ته هن وقت ماضي جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ فٽنيس مان پوري ريت مطعمن آهيان. ويمنز ڊبلز جي فائنل ۾ هن ۽ سندس روسي جوڙي کٽڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر سندن مخالف جوڙي تمام سٺي راند جو مظاهرو ڪري کين شڪست ڏني. هن چيو ته هوءَ مڪمل طور فٽ آهي ۽ ايندڙ ٽورنامينٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ٽائٽل کٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button