مالوند چوبائي مال کي برساتن کان پھريان ويڪسين ڪرائين: ميواتي
سکر : ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري سنڌ ڊاڪٽر عبدالله ميواتي مالوندن ماڻهن کي مشورو ڏنو آهي ته هو متوقع امڪاني برسات دوران پنهنجي چوپائي مال کي مٿاهين جڳهن سان گڏ خشڪ شيڊن تي رکن ۽ غير صحتمند جڳهن کان پاسو ڪن ان سان گڏو گڏ هو پنهنجي جانورن کي وچڙندڙ بيمارين کان بچاءَ لاءِ ويجهي وٽرنري سينٽر يا ڊسپينسري تان ويڪسين ڪرائين. هن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ برسات دوران جانورن ۾ قوت مدافعت گهٽجي وڃڻ جا امڪان هوندا آهن ڇو ته انهيءَ دوران وچڙندڙ بيماريون چوپائي مال تي اثر انداز ٿينديون آهن. هن وڌيڪ چيو ته چوپايو مال خاص ڪري وڏن جانورن مينهن ۾ گهو گهو يا گهٽيار جي بيماري جي پکڙجڻ جو انديشو هوندو آهي. جڏهن ته ننڍي مال رڍن ۽ ٻڪرين ۾ رتاوان دست ۽ ٻين بيمارين جي پکڙجڻ جو انديشو هوندو آهي. هن مالوندن کي وڌيڪ مشورو ڏنو آهي ته هو هن سلسلي ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اينيمل هسبنڊري سنڌ سان ٽيليفون نمبر 9200990-022 يا واسطيدار ضلعي جي ڊسٽرڪٽ آفيسر لائيو اسٽاڪ يا اينيمل هسبنڊري سان رابطو ڪري سگهن ٿا.