آرٽيڪل

لاڙڪاڻو ساھھ سيباڻو، ھجيئي ناڻو تھ گھم لاڙڪاڻو


سروي رپورٽ: بختيار بگٽي
لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو ساھھ سيباڻو، ھجيئي ناڻو تھ گھم لاڙڪاڻو جي نالي سان منسوب ھي شھر لاڙڪاڻو جنھن برک سياستدانن، اديبن، دانشورن، صحافين، فنڪارن، رانديگرن، اداڪارن ۽ ڏاھن ماڻھن کي جنم ڏنو آھي. ھونءَ تھ سنڌ سموري سون آھي، پر خاص طور تي لاڙڪاڻو ضلعو ڪيميا گھر جي حيثيت رکي ٿو، ان جو ثبوت اھي علمي، ادبي، سياسي، ۽ سماجي شخصيتون آھن. جن جو جنم لاڙڪاڻي جي سڳنڌ ڀري ڀونءِ جي ڪک مان ٿيو آھي ۽ ھتان جي ماڻھن ۾ پنھنجن پنھنجن شعبن ۾ نھ صرف صوبائي، ملڪي ۽ عالمي سطح تي نمايان حيثيت ماڻي آھي، لاڙڪاڻو جھن ۾ دنيا جي عظيم ترين تھذيب موھن جودڙو ء ۽ جھوڪر جو دڙو جا آثار موجود آھن، ان تھذيبي ورثي جي وارث پوري قوم آھي پرخاص طور تي لاڙڪاڻي واسي ڄڻ ان سڀيتا جو سنگم ۽ تسلسل آھن. لاڙڪاڻو جيڪو پراڻي زماني ۾ چانڊڪا پرڳڻي جو مرڪز ۽ محور رھيو آھي، انھيءَ لاڙڪاڻي کي ڪلھوڙن جي دور ۾ دفاعي قلعي جي حيثيت حاصل ھئي، ھن ضلعي جي سياسي، سماجي ، علمي ۽ ادبي تاريخ انتھائي شاندار رھي آھي. علمي حوالي سان ھي ضلعو ڪيتري بلند مقام تي فائز آھي ان جو اندازو فقط ان ڳالھھ مان ئي لڳائي سگھجي ٿو تھ ھن وقت تائين ھن ضلعي سان واسطو رکندڙ ماڻھن مان ھڪ سئو 100 کان مٿي پي ايڇ ڊي جھڙي اعليٰ سند حاصل ڪري چڪا آھن. لاڙڪاڻي کي ماضي حال کان حال تائين ھر حوالي ھڪ مٿاھين حيثيت حاصل رھي آھي ۽ اھو تسلسل ساڳي طرح قائم آھي. جھن جي بنياد تي چئي سگھجي ٿو تھ مستقبل ۾ ھي ضلعو پھنجي جدا گانھ حيثيت برقرار رکندو. ھن شھر ۾ سنڌ جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سرڪاري توڙي نجي حوالي سان ڪيئي ادارا ڪم ڪري رھيا آھن انھن مان ڪي ادارا پنھنجن پنھنجن ضلعن جي تاريخ، ثقافت، ٻولي ۽ ادب جي لڪل گوشن کي نروار ڪندا رھن ٿا. لاڙڪاڻو حقيقت ۾ مرڪز آھي، سنڌ جو ڪلچرل سٽي آھي. لاڙڪاڻي کي اھو مرتبو ڪئين ۽ ڪڏھن مليو ان لاءِ اسان کي لاڙڪاڻي جيÚ شھري عمر ء جو تعين ڪرڻو پوندو. ان تحت اسان کي ڪجھھ تاريخ جي جھروڪن ۾ جھاتيون پا ئڻيون پونديون. تاريخدانن پاران ڄاڻايو وڃي ٿو تھ لاڙڪاڻي جي موجودگي 442 سال اڳ جي آھي. دراصل لاڙڪاڻو ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھو ۽ ڪلھوڙن جي سپاھھ سالار ۽ گورنر شاھھ بھاري جو آباد ڪيل شھر بھار پور سندس اوڀر ۾ ٿوري مفاصلي تي ھو جي ان دعويٰ تي ڌيان ڌرجي تھ اھو ثابت ٿيندو تھ چانڊڪا پرڳڻي جي گورنر شاھھ بھاري جي دور (9171ع کان 5371ع) ۾ لاڙڪاڻو ھڪ ڳوٺ جي صورت ۾ ھيو، ان حساب سان لاڙڪاڻي جي عمر .1.2ع تائين پوڻا چار سئو سال بيھندي. لاڙڪاڻي جي حقيقي ترقي انگريزن جي ايام ڪاري ۾ ٿي. ان کان پھريان ھتي مختلف قومون ۽ قبيلا لڏي اچي آباد ٿيڻ لڳا، لاڙ کان ملاحن جي ھڪڙي قبيلي اچي ھتي ڳوٺ اڏيو، ان قبيلي کي لاڙڪ ۽ سندس ڳوٺ کي لاڙڪاڻو سڏڻ لڳا. ان دور ۾ لاڙڪ قبيلي جا ماڻھو ميان شاھل محمد ڪلھوڙي جا سرفدا مريد ھيا، جو ھنن جي دعوت تي سندن ڳوٺ آيو ھو. پاڙي وارن مان بھ ميان شاھل محمد جا مريد ھن جي ڪڍ لڳي ساڻس رھڻ لڳا. ان سبب ڪري لاڙڪاڻي جي آبادي ۾ واڌ آئي ۽ سندس ايراضي ۾ اضافو اچي ويو. لاڙڪاڻي شھر ۽ چانڊڪا پرڳڻي جي خوشحالي ۽ ترقي جيڪا ڪلھوڙن ۽ميرن جي ڏينھن ۾ ھئي تنھن ۾ انگريزن جي حڪومت دوران انھن جي روشن خيالي ۽ ترقي پسنديءَ ڪري رھندو اضافو ٿيو انگريزن جي شروعاتي دور کان گھڻي وقت تائين انتظامي طور شڪارپور بھ لاڙڪاڻي ضلعي سان شامل ھئي، پر 91ھين صديءَ ۾ لاڙڪاڻو شھر شڪارپور ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو، وقت گذرڻ سان ٻنھي شھرن جي آبادي وڌي وڃڻ ڪري انتظامي طور تي وڏيون مشڪلاتون ٿيڻ لڳيون، تنھن ڪري انگريز سرڪار لاڙڪاڻي کي شڪارپور کان الڳ ضلعو قرارڏنو ۽ لاڙڪاڻو آگسٽ 1.91ع ۾ سنڌ جو ضلعو بڻيو. ضلعي جي حيثيت ۾ لاڙڪاڻي کي ھڪ صدي ٿي چڪي آھي 3481ع ۾ جڏھن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو تھ انھن سنڌ کي انتظامي لحاظ کان ٽن ضلعن ۾ورھايو اھي ھئا ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور 1.91ع ۾ لاڙڪاڻي کي الڳ ضلعي جي حيثيت ڏني وئي جھن ۾ اڄو ڪو دادو ضلعو بھ شامل ھو، دادو کي وري .391ع ۾ الڳ ضلعو بڻايو ويو لاڙڪاڻو شھر ھاڻي ايترو تھ وڌي ويو آھي جو حيرانگي ٿئي ٿي، اھو ان ڪري وڌي ويو آھي جو اسان جي ٻھراڙين ۾ ايتري تھ حالت خراب آھي جو اتي اسڪول، اسپتال، گيس ۽ روڊن رستن کان علاوھ ٻيون سھولتون پڻ نھ ھجڻ ڪري اتان جا ماڻھو شھر ۾ رھائش اختيار ڪرڻ لڳا آھن. تنھن ڪري لاڙڪاڻو شھر ھن وقت آبادي جي لحاظ کان تمام وڌي ويو آھي.
[flagallery gid=2 name=”Gallery”]

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو سياسي، سماجي، ۽ علمي ادبي حوالي سان سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ اعليٰ مقام رکندڙ آھي ھي ضلعو جتي دنيا جي قديم تريين ثقافت جو امين آھي تھ اتي پنھجن عالمن، اديبن، محققن، دانشورن ۽ سياستدانن جي ڪري پڻ فوقيت رکي ٿو. ھتان جي اديبن ۽ شاعرن پنھنجي پنھنجي دور ۾ قلم ذريعي جيڪا علمي ۽ ادبي خدمت ڪئي آھي اھا سونھري اکرن ۾ لکڻ جي قابل آھي جنھن ۾ ايشيا کنڊ جي مھان دانشور اديب سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ،احسان دانش، قاضي منظر حيات، قربان علي بگٽي، قاضي خضر حيات، ڊاڪٽر حميدھ کھڙو، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، پرفيسر نظير احمد سومرو، پروفيسر موھن لعل پريمي، رضوان گل، محمد علي پٺاڻ، دين محمد ڪلھوڙو، رياضت ٻرڙو، مختيار سمون، خالد چانڊيو، عندليب ڪوثر ء جھتيال، شازيھ تبسم ء تونيو، ڪريم بلوچ ۽ ٻيا ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن ھن شھر ۾ جنم ورتو. ادبي حوالي سان لاڙڪاڻو ضلعو سڄي سنڌ جو اڳواڻ رھيوآھي لاڙڪاڻي ۾خاص طور تي سياست جي حوالي سان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد بينظير ڀٽو ملڪي وزيراعظم بڻجي ثابت ڪيو تھ لاڙڪاڻي جي ڌرتي سياسي حوالي سان ڪيتري نھ زرخيز آھي.

لاڙڪاڻو: لاڙ ڪاڻي ضلعي جي فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ فقير محمد ابراھيم سومرو چيو تھ شھر اندر ترقياتي ڪم نھ ٿيڻ جي ڪري شھري سخت پريشان آھن، ھن چيو تھ عوام شھيد بينظير ڀٽو کي ووٽ ڏنو ۽ جمھوري حڪومت جئين ئي آئي لاڙڪاڻي شھر کي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو خواب ھو تھ لاڙڪاڻو شھر پئيرس ٿئي پر ھن حڪومت لاڙڪاڻي شھر کي کنڊرات بڻائي ڇڏيو آھي ۽ شھر ڏانھن چونڊيل نمائيندن ڪوبھ شھر ڏانھن نھ ٿو ڏنو وڃي. لاڙڪاڻي شھر جي سينيئر وڪيل ڪلپنا ديوي چيو تھ شھر اندر روڊ رستا ٻن سالن کان ڪمپليٽ نھ ٿيا آھن ۽ عوام صرف ووٽ ڏيئي صرف چونڊيل نمائيندن کان روڊ، رستا، صفائي ۽ امن گھري ٿو پر شھر اندر پراڻي دور کان وٺي اسٽريٽ لائيٽ ختم ٿيڻ جي ڪري شھر رات جو ويران نظر اچي رھيو آھي. ھن چيو تھ شھر اندر حددخليون ھجڻ جي ڪري روڊن ۽ رستن ٽريئفڪ جام ٿي وڃي ٿو. لاڙڪاڻي شھر جي سماجي ڪارڪن وقار جتوئي چيو تھ تعليم مھنگائيءَ جي ڪري ڪيترائي غريب شاگرد تعليم کان محروم ٿي ويا آھن، ھن چيو تھ نوجوان شاگرد ھاڻي تعليم مھانگائي ڪري نوجوان اڪثر مزدوري ڪري رھيا آھن، ھن چيو تھ جيڪڏھن شھر اندر تعليم سستي ٿئي ۽ ھتان جي ماڻھن کي ميرٽ تي نوڪريون ملن تھ شايد شاگردن کي مزدوري نھ ڪرڻي پوي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آفتاب نيڪ محمد ڀٽو چيو تھ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت غريب عوام ۽ ھارين جي آھي، ھن چيوتھ لاڙڪاڻي شھر اندر ترقياتي ڪم .9پرسنٽ ڪمپليٽ ٿيو آھي ۽ اسان ٻن سالن جي حڪومت ۾ ھتان ۽ ملڪ جي ھزارين ماڻھن کي نوڪريون ڏنيون آھن ۽ اسان جي قائد صدر پاڪستان آصف علي زرداري ھن شھر ڏانھن خاص ڌيان ڏيئي رھيو آھي. سينيئر وڪيل قادر بخش ڀٽي چيو تھ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ غريب عوام کي روزگار نھ ٿو ملي پارٽيءَ وارا پنھنجي من پسند ماڻھن کي روزگار ڏين ٿا، پر غريب عوام چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين ايز جي درن جا ڌڪا کائن ٿا ھن چيو تھ لاڙڪاڻي جا چونڊيل نمائيندن مان ڪي ڪراچي تھ ڪي اسلام آباد رھن ٿا ۽ لاڙڪاڻي کي ھميشھ نظر انداز رکيو وڃي ٿو.

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو تاريخي حيثيت رکڻ سان گڏو گڏ ھن محل دنيا اڳيان شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪري پڻ ھڪ نمايان اھميت جي حامل آھي. ھن شھر جي ترقي لاءِ ڀٽي صاحب جيڪي خواب ڏٺا ھئا اڄ تائين شايد اھي خواب ساڀيا نھ ٿي سگھيا. ساڳيءَ طرح ھن ملڪ ۾ سندس ڌيءَ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو بھ ھن شھر کي پئرس بڻائڻ جو جيڪو خيال سوچيو ھو سا بھ اڌوري رھجي وئي. ھنئير صدر مملڪت آصف علي زرداري گذريل ٻن سالن ۾ شھر لاڙڪاڻي ۾ ھلندڙ ترقياتي منصوبا اڃا تائين مڪمل نھ ڪرائي سگھيو آھي. جڏنھن تھ لاڙڪاڻي ضلعي لاءِ ملندڙ بجيٽ گذريل ڏھاڪن کان ٽيڻي رکي وئي آھي پر ھن وقت تائين اھي ترقياتي ڪم اڌ ۾ رھيل آھن.

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شھر جي سونھن جا مرڪز بڻيل سمبارا ھوٽل جنھن ۾ ھن وقت ٻاھرين ملڪن مان ايندڙ ماڻھن کي رھائش توڙي بھترين کاڌو فراھم ٿئي ٿي، لاڙڪاڻي جو ھاءِ ڪورت تاج محل جو ڏيک ڏيئي رھيو آھي، ھن شھر ۾ سر شاھنواز ڀٽو ميموريل لائبرري آھي جتي ڪيترائي شاگرد ڪميشنڊ جي امتحانن جي تياري ڪن ٿا ۽ ھن ڪتبخاني ۾ ھزارين ناياب ڪتاب موجود آھن، پر بدقسمتي سان ھينئر انتظاميھ ۽ حڪومت جي لاپرواھي سبب گذريل چئن مھينن کان ھن جو ريفرينس ھال تعمير نھ ٿيڻ ڪري اڪثر ريڊرس ھوٽلن، باغن ۽ عام جڳھين تي فضول وقت گذاري رھيا آھن. ان کان علاوھ ھن شھر ۾ جناح باغ توڙي ذوالفقار باغ لاڙڪاڻي سميت ملڪ جي ٻين شھرن جي ماڻھن توڙي ٻارڙن لاءِ تفريح جو مرڪز بڻيل آھن، ھن شھر جو ايئر پورٽ، ريلوي اسٽيشن بھ سھڻو ڏيک ڏين ٿا، جڏھن تھ ھن شھر جا ماڳ موئن جو دڙو، جھوڪرجو دڙو، لنگھھ ڍنڍ ۽ تجر بلڊنگ ھجڻ جي ڪري دنيا اندر مشھوري ماڻي آھي. تجر بلڊنگ جنھن کي صرف نمائشي طرح سان سينگاريو ويو نھ تھ حڪومت کي گھرجي ھا تھ ان بلڊنگ جي تاريخي حيثيت برقرار رکڻ لاءِ ان کي وڌائي عوام لاءِ ان ۾ سنڌ جي ثقافتي ترز جا سامان سجائي رکيا وڃن ھا، تھ جئين اندروني يا ٻاھرين شھرن کان ايندڙ ماڻھن لاءِ تفريح جو ماڳ بڻجي وڃي ھا.

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ شاعرن جي سرتاج حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي سائين جا ٻھ تڪيا ھڪ ڳوٺ نائچ، ڳوٺ آچر گوپانگ ۾ آھن، سچل سرمست سائين جو تڪيو لاھوري محلي ۾ واقع آھي ۽ ٻڍل سرڪار جو تڪيو پڻ آھي.

لاڙڪاڻو: راندين جي حوالي سان بھ لاڙڪاڻو ٻين شھرن کان اڳتي آھي راندين لاءِ حڪومت پاران لاڙڪاڻو ميونسپل اسٽيڊ يم تيار ڪرايو ويو آھي جيڪا تمام پراڻي ٺھيل ھئي ھينئر ان کي شھيد بينظير ڀٽو اسٽيڊيم جو نالو ڏنو ويو آھي جنھن جو تعميراتي ڪم ٻن سالن کان ھلندڙ آھي ۽ ھن وقت تائين رڳو ان ۾ مٽيءَ جي ڀرائيءَ کان سواءِ ڪوبھ ڪم نھ ٿي سگھيو آھي ۽ شھرجا نوجوان رانديگرن کي ڏکيائين سان منھن ڏيئڻو پوي ٿو ۽ اھي نوجوان توڙي ٻار شھر جي گھٽين ۽ محلن ۾ رانديون ڪرڻ تي مجبور آھن.

لاڙڪاڻو: فن، فڪر ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ھينئر پاڪستان آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي جو بنياد وڌو ويو آھي، جتي شھرين جي تفريح لاءِ ڪيترائي موسيقي، اسٽيج ناٽڪ سان گڏوگڏ ڪيترائي پروگرام رٿيا وڃن ٿا. جڏھن تھ لاڙڪاڻو، خيرپور جي علائقن کي ڳنڍڻ جي سلسلي ۾ سنڌو درياھھ جي مٿان ھڪ پل تعمير ڪرائي وئي آھي تھ جيئن ھتان جي رھواسين توڙي واپارين کي پنھنجي واپار، صنعت، تجارت توڙي رشتيدارن ڏانھن اچڻ وڃڻ ۾ سھولتون ميسر ٿيون آھن. اڳوڻي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کي اپگريڊ ڪري شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جو درجو پڻ ڏنو ويو آھي، ھاڻي ھن ميڊيڪل يونيورسٽي مان شاگرد علم طب جي تعليم پرائي ملڪ توڙي پرڏيھھ ۾ نالو روشن ڪندا.

لاڙڪاڻو: شھر لاڙڪاڻو ۾ ھن وقت گندگي، حددخلين ۽ روڊ رستن جي تعميراتي ڪم مڪمل نھ ٿيڻ ڪري ھن شھر جا اڪثر محلا، ڪالونيون ۽ پاڙا اڪثر گندگيءَ جي ور چڙھي ويا آھن. گندگيءَ سبب ھتي سمورن علائقن ۾ مڇرن جي وڌي وڃڻ ڪري شھري ڪيترن ئي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن، دز ۽ مٽيءَ جي اڏامڻ ڪري رھواسي ساھھ، نڪ، ڳلي جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. غربت، بيروزگاري ۽ تعليم جي گھٽتائي سبب اڪثر ٻارڙا پرائمري جي تعليم پرائڻ کان بھ محروم نظر اچن ٿا، جنھن ڪري ڪيترائي غريب ۽ بي پھچ خاندان پنڻ تي مجبور ٿي پيا آھن. ان لاءِ پي پي حڪومت کي گھرجي تھ ھنن کي انھن ايوانن ۾ پھچائڻ وارا ھتان جا رھواسي ئي آھن جيڪي ھن مھل بدحالي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آھن انھن جي تعليم، تربيت، روزگار لاءِ فوري طور تي قدم کنيو وڃي.نھ تھ ھاڻي لاڙڪاڻي واسين پاران اھو چوڻي عام ٿي وئي تھ ھجيئي ناڻو تھ ڇڏ لاڙڪاڻو پوءِ ھتان جا اھي ماڻھو لاڙڪاڻو ڇڏڻ تي مجبور ٿي وڃي ٻيو ڪو شھر وسائيندا؟؟؟….

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button