خيرپور

فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ علي ڏنو خروس قتل

murdered kharosخيرپور(ڊر) سوين شهرين جي موجودگي ۾ ٽن هٿياربندن سڌيون گوليون هڻي فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ علي ڏنو خروس کي قتل ڪري ڇڏيو ماڻهو ۽ پوليس لڪاءُ ڏسندي رهي جوابدار آساني سان هليا ويا خوشي ۾ فائرنگ. خبرموجب اربع جي ڏينهن ٽن هٿياربندن سوين ماڻهن جي موجودگي ۾ سائده ڳوٺ روڊ تي وچ شورومن ۾ گوليون هڻي فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ رئيس علي ڏنو خان خروس کي قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويا وڃڻ وقت خوشي ۾ فائرنگ جڏهن ته سوين شهري دڪاندار ۽ پوليس لڪاءُ ڏسندي رهي. اي سيڪشن پوليس هڪ ڪلاڪ کانپوءِ لاش اسپاٽ تان کڻائي سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. فوتي جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي قهرام مچي ويو جڏهن ته رئيس علي ڏنو خروس جي قتل جو اطلاع فنڪشنل مسلم ليگ جي سنڌ جي صدر پير سيد صدرالدين شاهه کي ڏنو ويو فوتي جي جنازي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي آخري اطلاعن تائين پوليس واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button